ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور پاران لاڳاپيل تپيدارن سان گڏجي کليل ڪچهري منعقد

لاڙڪاڻو - 23 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور نزاڪت ڏاهاڻي جمعي ڏينهن مختيارڪار ۽ لاڳاپيل تپيدارن سان گڏجي ديهه شاهه واهه، خانپور ۾ روينيو رڪارڊ جي ٻيهر لکائي بابت کليل ڪچهري منعقد ڪئي.کليل ڪچهري جو مقصد زمين جي مالڪيءَ بابت تفصيلن جي تصديق ڪرڻ، روينيو رڪارڊ کي اپڊيٽ ۽ درست بڻائڻ ۽ رڪارڊ ۾ موجود غلطين، کوٽ ۽ تضادن کي …

لاڙڪاڻو – 23 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور نزاڪت ڏاهاڻي جمعي ڏينهن مختيارڪار ۽ لاڳاپيل تپيدارن سان گڏجي ديهه شاهه واهه، خانپور ۾ روينيو رڪارڊ جي ٻيهر لکائي بابت کليل ڪچهري منعقد ڪئي.کليل ڪچهري جو مقصد زمين جي مالڪيءَ بابت تفصيلن جي تصديق ڪرڻ، روينيو رڪارڊ کي اپڊيٽ ۽ درست بڻائڻ ۽ رڪارڊ ۾ موجود غلطين، کوٽ ۽ تضادن کي ختم ڪرڻ هو. ان موقعي تي روينيو عملدارن زميندارن ۽ مقامي شهرين کي سندن زمينن جي رڪارڊ بابت تفصيلي ڄاڻ فراهم ڪئي. شهرين پاران پيش ڪيل مختلف شڪايتن ۽ مسئلن کي غور سان ٻڌو، جڏهن ته ڪيترن ئي معاملن جو موقعي تي ئي ازالو ڪيو ويو.اسسٽنٽ ڪمشنر خانپور نزاڪت ڏاهاڻي پاران روينيو عملي کي هدايت ڪئي وئي ته زميندارن جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ روينيو رڪارڊ جي درستگي، شفافيت ۽ بروقت اپڊيٽ کي يقيني بڻايو وڃي.

مزید خبریں