اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ادارتي معاشي سڌارن، معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ميرٽ ۽ شفافيت جي فروغ ذريعي معاشي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي جي ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي مشاورتي فرم الويريز اينڊ مارسل (اي اينڊ ايم) جي نارٿ …
پاڪستان ادارتي معاشي سڌارن، معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ميرٽ ۽ شفافيت جي فروغ ذريعي معاشي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ادارتي معاشي سڌارن، معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ميرٽ ۽ شفافيت جي فروغ ذريعي معاشي ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جمعي جي ڏينهن جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي مشاورتي فرم الويريز اينڊ مارسل (اي اينڊ ايم) جي نارٿ آمريڪن آپريشنز جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پيٽر برگيز وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ وفد جي آجيان ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان پنهنجي معيشت کي عالمي مارڪيٽن لاءِ وڌيڪ کولڻ ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل معاشي ماهرن سان مُشاورت لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ۽ مالياتي استحڪام جو مشڪل هدف ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ کانپوءِ حڪومت گہري ۽ بنيادي نوعيت جي ادارتي معاشي سڌارن لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي. انهن قدمن جو مقصد برآمدات تي ٻڌل ترقي ۽ پيداواري معيشت جي نئين دور جي آغاز کي يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم ان اڳالهه کي به اُجاگر ڪيو ته حڪومت صنعت ۽ پيداواري واري قومي شعبي جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، جڏهن ته سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري (ايف ڊي آءِ) کي راغب ڪرڻ لاءِ پڻ موثر قدم کنيا پيا وڃن. هن وفد کي ٻڌايو ته حڪومت سرڪاري ملڪيتي ادارن (ايس او ايز) جي معاشي اهميت ۽ پائيداري جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ فعال حڪمت عملي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن تحت قومي معيشت جي بهتري ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انهن ادارن جي نجڪاري جو رستو اختيار ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت مُعاشي ترقي جي عمل کي موثر ۽ تيز بڻائڻ لاءِ ماهرن جي ٽيم ۽ پيشيوراڻي طور تي اهل افرادي قوت جي اهميت کان چڱي طرح واقف آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ پاڪستان اقتصادي ترقي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ موثر، ذميوار ۽ فعال عالمي مساورتي فرمن سان لاڀائتي ۽ بامعني ڀائيواري لاءِ تيار آهي. الويريز اينڊ مارسل جي نارٿ آمريڪن آپريشنز جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پيٽر بريگز ملاقات جو موقعو فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. هن پرڏيهي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ عالمي اقتصادي ماهرن سان مثبت رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم کي ساراهيو. پيٽر بريگز پاڪستان ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول جي فروغ ۽ هڪ پيداواري معيشت جي قيام لاءِ پنهنجي فرم پاران پاڪستان سان موثر رابطاڪاري ۽ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. مُلاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جي خاص مددگار سيد طارق فاطمي، وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدار شرڪت ڪئي. پيٽر بريگز سان گڏ الويريز اينڊ مارسل جي دبئي ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضا باقر، لنڊن ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر طارق حميد ۽ استنبول ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اونور اوڪوتور به موجود هئا.












