اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر تي مشتمل آر فور وزارتي اجلاس ۽ برطانيه، جرمني، اٽلي ۽ فرانس تي مشتمل آر فور پلس اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ترڪيه جي شهر استنبول پهچي ويو. جمعي جي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب استنبول پهچڻ تي ترڪيه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول پهچي ويو
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر تي مشتمل آر فور وزارتي اجلاس ۽ برطانيه، جرمني، اٽلي ۽ فرانس تي مشتمل آر فور پلس اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ترڪيه جي شهر استنبول پهچي ويو. جمعي جي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب استنبول پهچڻ تي ترڪيه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل سفير جهادار گينائي، پاڪستان جي چارج ڊي افيئرز شائق احمد، استنبول ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل خواجه خرم نعيم، ايڊيشنل سيڪريٽري سفير خليل هاشمي ۽ انقره ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ استنبول ۾ قونصل خاني جي عملدارن سندس استقبال ڪيو. هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران نائب وزيراعظم پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر تي مشتمل آر فور وزارتي اجلاس ۽ برطانيه، جرمني، اٽلي ۽ فرانس تي مشتمل آر فور پلس اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. نائب وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس هم منصبن سان ٻطرفيُون ملاقاتون پڻ ڪندو.












