راولپنڊي- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير واضح لفظن ۾ پنهنجي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف مهم پوري طاقت سان جاري رکي ويندي ۽ دهشتگرد جتي به هُوندا انهن تي سخت ۽ ڀرپُور وار ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير …
ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف مهم پوري طاقت سان جاري رکي ويندي، دهشتگرد جتي به هُوندا انهن تي سخت ۽ ڀرپُور وار ڪيو ويندو: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير
راولپنڊي- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير واضح لفظن ۾ پنهنجي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف مهم پوري طاقت سان جاري رکي ويندي ۽ دهشتگرد جتي به هُوندا انهن تي سخت ۽ ڀرپُور وار ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور جو دورو ڪيو. ان موقعي تي کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري ڪاررواين، سرحدي انتظامن جي قدمن ۽ صوبي ۾ مقرر فارميشنز جي آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. فيلڊ مارشل آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي ۽ پيشيوراڻي صلاحيت کي ساراهيندي انهن کي خطرن کي مؤثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ چوڪس رهڻ ۽ آپريشنل تيارين جو اعليٰ ترين معيار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان ڀارت جي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف مهم پوري طاقت سان جاري رکنداسين ۽ اُهي جٿي ڪٿي به هُوندا انهن تي سخت وار ڪنداسين. سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن ۽ غازين سميت پاڪستاني عوام جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ان عزم کي ورجايو ته عوام جي پُختي حمايت سان پاڪستان دهشتگردن ۽ انهن جي گمراهه ڪندڙ نظريي کي مڪمل شڪست ڏيندو. ڪور هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي ڪمانڊر پشاور ڪور آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو استقبال ڪيو.












