اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين ۾ شديد زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ چين جي حڪومت ۽ عوام …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران چين ۾ شديد زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين ۾ شديد زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ چين جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.











