اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بهادر ۽ همدرد سياسي اڳواڻ، آمريت جي خلاف مزاحمت جي علامت ۽ سڀ کان وڌي ڪري هڪ اهڙي ماءُ هئي جنهن زندگي جا انتهائي گهرا ذاتي صدما برداشت ڪيا جڏهن ته پنهنجي اصولن ۽ قدرن تي ثابت قدم رهي. ايوان صدر جي ميڊيا …
صدر آصف علي زرداري پاران بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو هڪ بهادر ۽ همدرد سياسي اڳواڻ، آمريت جي خلاف مزاحمت جي علامت ۽ سڀ کان وڌي ڪري هڪ اهڙي ماءُ هئي جنهن زندگي جا انتهائي گهرا ذاتي صدما برداشت ڪيا جڏهن ته پنهنجي اصولن ۽ قدرن تي ثابت قدم رهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بيگم نصرت ڀٽو جي 15هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته منهنجي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو هڪ عظيم سياسي اڳواڻ کان وڌي ڪري انتهائي شفيق ماءُ هئي جنهن تاريخ جي ڪجهه اونداهي ترين ڏهاڙن ۾ پنهنجي خاندان کي متحد رکيو. هن پنهنجي زندگي جي محبت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پنهنجي پياري فرزندن شاهنواز ڀٽو ۽ مير مرتضى ڀٽو کي وڃايو پر گهري ڏک جي باوجود نه پنهنجي عزت ۽ وقار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ۽ نه ئي پاڪستان جي عوام سان پنهنجي وابستگي ختم ڪئي، سندس ڏک ذاتي هو پر سندس بهادري پاڪستان جي عوام جي لاءِ هئي. پاڪستان جي مائرن کي مخاطب ٿيندي صدر چيو ته هر ماءُ پنهنجي اولاد جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين ۽ انهن جي بهتر مستقبل جي لاءِ خاموشي سان کنيل بار کي سمجهي ٿي. بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي اسان کي ماءُ جي دل جي غيرمعمولي طاقت ۽ ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿي ته ڪهڙي طرح محبت گهري کان گهري صدمي کي به برداشت ڪري سگهي ٿي. صدر پاڪستان جي نوجوان ڇوڪرين جيڪي سڀاڻي جون مائرون ۽ قائدين آهن، کي به خصوصي طور تي مخاطب ڪندي چيو ته هر ڇوڪريءَ کي بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد ۽ زندگي جي ڪهاڻي کان آگاهه هجڻ گهرجي، هن ان وقت به ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو جڏهن طاقتور قوتون کيس خاموش ڪرائڻ چاهينديون هيون پر هن پنهنجي پر يقين نظرين تان دستبردار ٿيڻ کان انڪار ڪيو، سندس ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي پاڪستان جي هر ڌيءَ جي لاءِ هڪ دائمي پيغام رکي ٿي ته هوءَ پنهنجي صلاحيتن کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهي، تعليم حاصل ڪري، آزاداڻي سوچ اختيار ڪري، پنهنجي عزت ۽ وقار جي لاءِ آواز اٿاري ۽ ڪڏهن به ڪنهن خوف کي پنهنجي خوابن جي راهه ۾ اچڻ نه ڏني. هن چيو ته نوجوان ڇوڪرين جو مستقبل انهن جو پنهنجو آهي ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي. هن چيو ته مائرون نسلن کي جوڙين ٿيون جڏهن ته تعليم يافته ۽ بااختيار ڌيئرون قومن جي تقدير سنوارين ٿيون. بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اهڙو پاڪستن تعمير ڪيو وڃي جتي هر عورت جو احترام هجي، ان کي برابر حق حاصل هجن ۽ هر ڇوڪريءَ کي پنهنجي صلاحيتن جي ڀرپور اظهار جو موقعو ميسر هجي. بيگم نصرت ڀٽو کي ذاتي طور تي ياد ڪندي صدر چيو ته سندس کوٽ اڄ به خاندان ۾ شدت سان محسوس ڪئي وڃي ٿي. سال ۽ ڏهاڪا گذري سگهن ٿا پر محبت، احترام ۽ خوبصورت يادون سدائين تازيون رهن ٿيون، اسان کيس رڳو انهن صدمن جي ڪري ياد نه ٿا ڪريون جيڪي هن برداشت ڪيا پر هڪ غيرمعمولي عورت جي طور تي به ياد ڪريون ٿا جيڪا هو حقيقت ۾ هئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعالى بيگم نصرت ڀٽو کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندس روح کي ابدي سڪون نصيب ڪري. صدر پنهنجي پيغام جي پڄاڻي تي چيو ته الله ڪري هر ماءُ کي ان جي مثال سان حوصلو ملي ۽ هر ڌيءَ کي پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي پاڻ لکڻ جي همت نصيب ٿئي.












