مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي بهادري، همدرديءَ ۽ استقامت اڄ به اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي: خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي)  خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي بهادري، همدرديءَ ۽ استقامت اڄ به اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، انتهائي گهري صدمن جي باوجود هوءَ پنهنجي اصولن ۽ پاڪستان جي عوام تي پنهنجي يقين سان ثابت قدم رهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب بيگم نصرت ڀٽو جي 15هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام …

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي)  خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي بهادري، همدرديءَ ۽ استقامت اڄ به اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، انتهائي گهري صدمن جي باوجود هوءَ پنهنجي اصولن ۽ پاڪستان جي عوام تي پنهنجي يقين سان ثابت قدم رهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب بيگم نصرت ڀٽو جي 15هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پنهنجي پياري نانيءَ بيگم نصرت ڀٽو جي 15هين ورسيءَ جي موقعي تي آئون کيس محبت، فخر ۽ جدائي جي گهري احساسن سان ياد ڪري رهي آهيان، هو مادر جمهوريت جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي، منهنجي لاءِ هوءَ هڪ هستيءَ به هئي جنهن جي بهادري، همدرديءَ ۽ استقامت اڄ به منهنجي لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته منهنجي نانيءَ کي زندگي ۾ اهڙا صدما برداشت ڪرڻا پيا جيڪي ڪنهن به ماءُ کي برداشت نه ڪرڻا پون، هن پنهنجي شريڪ حيات شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پنهنجي فرزندن شهيد مير مرتضى ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ پنهنجي پياري ڌيءَ ۽ منهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي وڃايو. اهي صدم انتهائي گهرا هئا پر ان جي باوجود هوءَ پنهنجي اصولن ۽ پاڪستان جي عوام تي پنهنجي يقين سان ثابت قدم رهي. سندس زندگي اسان کي سيکاريو ته بهادري جو مطلب درد جو نه هجڻ نه آهي پر درد ۽ مشڪلاتن جي باوجود ثابت قدم رهڻ آهي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ملڪي تاريخ جي مشڪل ترين دورن ۾ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو. هن فوجي حڪومت جي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا گرفتارين، نظربندي ۽ جسماني تشدد کي منهن ڏنو، 16 ڊسمبر 1977ع تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پوليس جي لاٺي چارج دوران هوءَ زخمي ٿي، ان جي باوجود کيس خاموش نه ڪرائي سگهيا. هن ان وقت به عوام جو ساٿ ڏنو جڏهن ائين ڪرڻ جي وڏي ذاتي قيمت ادا ڪرڻي پئي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته سندس بهادري ان ڳالهه مان به جهلڪندي هئي ته هوءَ منهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ڪندي رهي جنهن اڳتي هلي پاڪستان جي قيادت سنڀالي. انهن ٻنهي گڏجي اهو ثابت ڪيو ته عورتون تاريخ جو رخ بدلائي سگهن ٿيون، ناانصافي جي خلاف آواز اٿاري سگهن ٿيون ۽ عوامي زندگي ۾ اعلى ترين ذميواريون سنڀالي سگهن ٿيون. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته آئون دعاڳو آهيان ته الله تعالى منهنجي پياري نانيءَ کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي، سندس زندگي اسان کي سدائين رهنمائي فراهم ڪندي رهي ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه بڻيل رهي.