بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت جي لاءِ قربانيون ملڪي تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو باب آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو بيگم نصرت ڀٽو جي ورسيءَ تي پيغام

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت جي لاءِ قربانيون ملڪي تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو باب آهي، سندس سياسي بصيرت ۽ استقامت اڄ به جمهوريت تي يقين رکندڙن جي لاءِ مشعل راهه آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بيگم نصرت ڀٽو جي …

اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت جي لاءِ قربانيون ملڪي تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو باب آهي، سندس سياسي بصيرت ۽ استقامت اڄ به جمهوريت تي يقين رکندڙن جي لاءِ مشعل راهه آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بيگم نصرت ڀٽو جي 15هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني جمهوريت جي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. وقتي صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي حقن جي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي، هوءَ آمريت جي خلاف مزاحمت، جرئت ۽ استقامت جي علامت هئي ۽ هن مشڪل ترين حالتن ۾ جمهوري قدرن تي اڻٿڪ يقين جو مظاهرو ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جون جمهوريت جي لاءِ قربانيون ملڪي تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو باب آهي، هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏجي جمهوري جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جمهوري تحريڪ کي مشڪل حالتن ۾ حوصلو، اميد ۽ قيادت فراهم ڪئي. وقتي صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي سياسي بصيرت ۽ استقامت اڄ به جمهوريت تي يقين رکندڙن جي لاءِ مشعل راهه آهي، بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد پاڪستاني عورتن جي لاءِ جرئت، عزم ۽ حوصلي جو روشن مثال آهي، سندس جمهوري خدمتن ۽ قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. سيد يوسف رضا گيلاني بيگم نصرت ڀٽو جي درجن جي بلنديءَ ۽ مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي.