پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي خودمختيار برابري، عدم مداخلت، خودمختياري جي حق ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اصولن تي ٻڌل آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورن انسانن جي لاءِ امن، ترقي ۽ انساني وقار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي گهڻ رخي تعاون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ان ويزن سان پنهنجي پراڻي وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي خودمختيار برابري، عدم مداخلت، خودمختياري جي حق ۽ تڪرارن جي پرامن حل …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورن انسانن جي لاءِ امن، ترقي ۽ انساني وقار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي گهڻ رخي تعاون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ان ويزن سان پنهنجي پراڻي وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي خودمختيار برابري، عدم مداخلت، خودمختياري جي حق ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اصولن تي ٻڌل آهي، اسان سدائين ٽڪراءُ بدران سفارتڪاري، اڪيلائپ بدران رابطن ۽ ورڇ بدران حصيداري کي ترجيح ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن گڏيل قومن جي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي، هي ڏينهن گڏيل قومن جي چارٽر جي لاڳو جي 81هين سالگرهه جي مناسبت سان ملهايو پيو وڃي، هن تقريب جي انعقاد ۽ پاڪستان سان مسلسل حصيداري تي گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر ۽ گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته مون کي گذريل سال به گڏيل قومون قائم ٿيڻ جي 80هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت جو موقعو مليو هو ۽ آئون خوشقسمت آهيان جو هن سال به توهان سڀ ۽ گڏيل قومن جي ٽيم سان گڏ ان جي 81هين سالگرهه ملهائي رهيو آهيان. هن چيو ته هن سال جي تقريب پاڪستان جي لاءِ خصوصي اهميت رکي ٿي، هلندڙ مهيني جي شروع ۾ اسان کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ميزباني جو اعزاز حاصل ٿيو جنهن 6 کان 8 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، سندس اهو دورو اهڙي وقت ۾ ٿيو جڏهن دنيا کي گهرا عالمي چئلينجز درپيش آهن، هي دورو گڏيل قومن جي چارٽر سان اسان جي گڏيل وابستگي جي پڻ توثيق ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا کي وڌندڙ تڪرارن، وڌندڙ معاشي اڻبرابري ۽ ڪمزور ٿيندڙ گڏيل اعتماد درپيش آهي، هٿياربند تڪرار بي پناهه انساني مصيبتن جو سبب بڻجي رهيا آهن، جاگرافيائي ۽ سياسي نفرتون شدت اختيار ڪري رهيون آهن جڏهن ته غذائي عدم تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي عالمي ڏاکڻي ملڪن جي ترقي کي متاثر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت پراڻا تڪرار اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته خودمختياري جو حق ۽ انصاف جا واعدا اڃا به لکين ماڻهن جي لاءِ پورا ناهن ٿيا، گڏيل قومن جي چارٽر ۾ سمورن انسانن جي لاءِ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جو واعدو ڪيو ويو هو، پر عالمي مالياتي ۽ واپاري نظام جو خاميون عالمي ڏاکڻي ملڪن جي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن ۽ انهن جي قرضن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي روشني ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن سان واڳيل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي خودمختيار برابري، عدم مدخلت، خودمختياري جي حق ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اصولن تي ٻڌل اهي، اسان سدائين ٽڪراءُ بدران سفارتڪاري، اڪيلائپ بدران رابطن ۽ ورڇ بدران حصيداري کي ترجيح ڏني آهي، اسان اهڙي گهڻ رخي نظام تي يقين رکون ٿا جيڪو جامع، نمائنده ۽ اصلاح شده هجي، اسرندڙ ملڪن کي انهن فيصلن ۾ وڌيڪ موثر آواز ملڻ گهرجي جيڪو انهن تي اثرانداز ٿئي ٿو.