اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان خميس ڏينهن ترڪمانستان جي سفير آتاجان مولاموف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ مذهبي تعليم، ثقافت، گڏيل رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهبي وفدن جي مٽاسٽا، مذهبي تعليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ خطي …
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ترڪمانستان جي سفير آتاجان مولاموف جي ملاقات، ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان خميس ڏينهن ترڪمانستان جي سفير آتاجان مولاموف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ مذهبي تعليم، ثقافت، گڏيل رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهبي وفدن جي مٽاسٽا، مذهبي تعليم جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ خطي ۾ بين المذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي نئون رخ ڏئي سگهجي ٿو. مذهبي معاملن واري وزير سردار محمد يوسف ترڪمانستان جي مفتي اعظم رحمان قربان ميرادوف جي پاڪستان جي امڪاني دوري جي آجيان ڪندي چيو ته معزز مهمان جي آڌرڀاءَ لاءِ تيار آهيون. مذهبي معاملن واري وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته مذهبي ڌرين ۽ وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ پنهنجائپ ۽ گڏيل احترام کي هٿي حاصل ٿيندي.ترڪمانستامن جي سفير پاڪستان جي مذهبي تعليمي نظام ۽ نصاب ۾ پنهنجي ملڪ جي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ هن چيو ته ترڪمانستان جي قيادت پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي ۽ انهن وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان مذهبي هم آهنگي، امن، رواداري ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا، ٻنهي ڌرين طرفان مذهبي، ثقافتي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.










