اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز)، ڪاروباري ڪلسٽرز، بئنڪن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي نمائندن سان هڪ مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو جنهن جو مقصد ڪاروباري ادارن کي سستن ۽ وقت سر قرضن ۽ مالي سهولتن کي حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جو جائزو وٺڻ هو، …
صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ايس ايم ايز جي ڪاروباري ڪلسٽرز سان مالي سهولتن تائين رسائي جي حوالي سان مشاورتي اجلاس منعقد، بئنڪن کي ڪاروبار لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز)، ڪاروباري ڪلسٽرز، بئنڪن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي نمائندن سان هڪ مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو جنهن جو مقصد ڪاروباري ادارن کي سستن ۽ وقت سر قرضن ۽ مالي سهولتن کي حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن جو جائزو وٺڻ هو، اجلاس دوران مختلف ايس ايم اي ڪلسٽرز جي نمائندن پنهنجي ڪاروبارن کي پيش ايندڙ مالي مشڪلاتن ۽ طريقيڪار بابت رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي، انهن مسئلن ۾ قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن، ڪاروبار جي واڌ، ورڪنگ ڪيپيٽل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ موزون مالي سهولتن تائين رسائي شامل هئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري بيان موجب هارون اختر خان شرڪت ڪندڙن جا مسئلا ۽ تجويزن غور سان ٻڌيون ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بئنڪن ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي ايس ايم اي ڪلسٽرن جي مسئلن جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ گهرجي ۽ ان مسئلن جي حل لاءِ مناسب فالو اپ ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس ايم ايز لاءِ فنانسنگ کي ٻيڻو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪا مالي سهولتن تائين رسائي وڌائڻ ۽ قومي معيشت ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ حڪومت جي عزم جو اظهار آهي. هن زور ڀريو ته بئنڪ کي قرض جي فراهمي جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، ڪاروباري ڪلسٽرز سان رابطا بهتر ڪرڻ ۽ اهل ڪاروباري ادارن کي مالي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مربوط ۽ اثرائتيون ڪوششون ڪن. هن چيو ته مالي مدد جا فائدا هيٺين سطح تائين ڪاروباري ادارن تائين پهچڻ گهرجن ته جيئن پيداوار، سيڙپڪاري ۽ روزگار ۾ حقيقي بهتري آڻي سگهجي. هارون اختر خان چيو ته ننڍا ۽ وچولي درجي جا ڪاروباري ادارا پاڪستان جي معيشت جااهم ٿنڀ آهن ۽ مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي)، روانگي واپار ۽ غير زرعي روزگار ۾ نمايان ڪردار ادا ڪن ٿا، جڏهن ته مالي وسيلن تائين محدود رسائي گهڻن قابل عمل ڪاروبار جي ترقي جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته ان مشاورتي ويهڪن جو بنيادي مقصد عملي رڪاوٽن جي نشاندهي ۽ قابل عمل حل تلاش ڪري مالياتي ادارن ۽ ڪاروباري ادارن وچ ۾ موجود خال کي گهٽ ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ بئنڪون، اسٽيٽ بئنڪ، لاڳاپيل سرڪاري کاتا، ايس ايم اي نمائندن وچ ۾ موثر رابطاڪاري تي زور ڀريو ته جيئن مالي سهولتون مختلف ڪاروباري ڪلسٽرن جي حقيقي ضرورت موجب فراهم ڪري سگهجن.










