اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي)صحت واري پارلياماني سيڪريٽري نيلسن عليم چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، سرڪاري ملازمن جي انشورنس بابت جلد فيصلو ڪيو ويندو. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سيد طارق حسين ۽ شازيه ثوبيه اسلم جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي انشورنس بابت معاملي تي ڪم جاري آهي، ان تي …
حڪومت عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، سرڪاري ملازمن جي انشورنس بابت جلد فيصلو ڪيو ويندو: نيلسن عظيم

مزید خبریں
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي)صحت واري پارلياماني سيڪريٽري نيلسن عليم چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، سرڪاري ملازمن جي انشورنس بابت جلد فيصلو ڪيو ويندو. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سيد طارق حسين ۽ شازيه ثوبيه اسلم جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي انشورنس بابت معاملي تي ڪم جاري آهي، ان تي جلد فيصلو ڪنداسين ۽ سرڪاري ملازمن کي انشورنس ملندي. وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، سرڪاري ملازمن کي مختلف اسپتالن ۾ ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.










