اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب خميس ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ هڪ پئسي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 276 روپيا 85 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ …
انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب خميس ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ هڪ پئسي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 276 روپيا 85 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 73 روپيا 80 پئسا جڏهن ته بحريني دينار جو قدر 733 روپيا 72 پئسا رهيو، اهڙي طرح عماني ريال جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ قيمت 719 روپيا 8 پئسا رهي، ڪويتي دينار جو قدر 898 روپيا 87 پئسا ۽ قطري ريال جي قيمت 75 روپيا 95 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 277 روپيا 50 پئسا ۽ وڪري واري قيمت 280 روپيا 15 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.










