20 ڪروڙ ڊالر جي واپاري ماپي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، مالديپ جي صدر جو دورو ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو (وزيراعظم شهباز شريف) واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل خوشحالي جا خواهشمند آهيون: ڊاڪٽر محمد معيزو

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ 20 ڪروڙ ڊالر جو واپاري ماپو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مالديپ جي صدر جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم موڙ ۽ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو جڏهن ته مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ 20 ڪروڙ ڊالر جو واپاري ماپو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مالديپ جي صدر جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم موڙ ۽ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو جڏهن ته مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو چيو ته پاڪستان سان واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل خوشحالي جي نئين دور جا خواهشمند آهيون، اقتصادي حصيداري ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي، پاڪستاني تعميراتي ۽ انجنيئرنگ ڪمپنيون مالديپ جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هنن اهڙن خيالن جو اظهار خميس ڏينهن هتي مالديپ – پاڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، مالديپ جي صدر سان گڏ آيل وفد جي ميمبرن ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ سندس دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم موڙ ثابت ٿيندو، هي دورو ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ماپي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ جي ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي حصيداري ۾ بدلائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ ٻطرفي واپار ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو، هن وقت ٻطرفي واپار جو ماپو اٽڪل هڪ ڪروڙ 30 لک ڊالر آهي جنهن کي ايندڙ ٻن سالن ۾ وڌائي 200 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون پاڪستان ۽ مالديپ جي ڪاروباري شخصيتن ۽ ادارن کي چوڻ چاهيندس اسان وٽ هڪ موقعو موجود آهي جنهن مان فائدو کڻندي اسان ان کي هڪ ٺوس عملي منصوبي ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا، ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم ٻڌايو ته مالديپ جي صدر جي وطن واپسي کانپوءِ پاڪستاني واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل هڪ اعلى سطحي وفد مالديپ موڪليو ويندو جنهن جو مالديپ ۾ لاڳاپيل شعبن ۾ روانگي واپار ۾ تجربو هوندو، لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ سرڪاري عملدار پڻ وفد ۾ شامل هوندا. هن چيو ته اسان کي ڀرپور تياري ڪندي واپاري ماپي جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي معمول کان وڌيڪ ڪوششون ۽ محنت ڪرڻي پوندي. وزيراعظم پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ فضائي رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا تمام ضروري آهن، اسلام آباد ۽ مالي جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون شروع ڪرڻ جو عزم رکون ٿا، هن وقت پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي اڏامون نه آهن. وزيراعظم چيو ته هوابازي واري وزارت کي سڌوسنئون اڏامن جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن سڌوسنئون فضائي اڏامون جيترو جلدي ممڪن ٿئي شروع ڪري سگهجن. وزيراعظم چيو ته سامونڊي رابطا به اهميت رکندڙ آهن، تنهن ڪري گهربل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان ڏس ۾ به قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته مالديپ جي ڪنهن صدر 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، اميد آهي ته هاڻي اهي دورا لاڳيتو ٿيندا. مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان – مالديپ بزنس فورم کي خطاب ڪندي چيو ته هي فورم تمام گهڻي اهميت رکي ٿو جنهن جي انعقاد ۽ ان ۾ شرڪت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪاروباري شخصيتن جي اجتماع کي خطاب ڪرڻ اعزاز جوڳو آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪي مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن تي قائم آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ جي لاڳاپن جا 60 سال مڪمل ٿيڻ گڏيل اعتماد ۽ دوستي جو ثبوت آهي، پاڪستان ۽ مالديپ جي دوستي ۽ سفارتي اعتماد گهرو آهي، پاڪستان سان واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل خوشحالي جي نئين دور جا خواهشمند آهيون. صدر محمد معيزو چيو ته هي انتهائي مناسب وقت آهي ته اسان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي واپاري رابطن، سيڙپڪاري ۽ گڏيل خوشحالي ۾ تبديل ڪريون، اهو ئي سبب آهي جو مون ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن ٻطرفو واپار ٻن سالن ۾ 20 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ۾ آنديون وينديون جنهن سان نه رڳو ڪاروباري موقعا پيدا ٿيندا پر علائقائي خوشحالي ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته غذائي تحفظ اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت وارو معاملو آهي، پاڪستان جو زرعي شعبو مالديپ جي غذائي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ زراعت، ٽيڪنالاجي، صنعت ۽ خدمتن جي شعبن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پاڪستاني دواساز ڪمپنين ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن جي آجيان ڪريون ٿا. هن پاڪستاني تعميراتي ۽ انجنيئرنگ ڪمپنين کي مالديپ جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته اهي دستياب موقعن مان فائدو کڻن، انهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ اسلامي ماليات ۽ حلال مصنوعات جي شعبن ۾ به تعاون وڌائي سگهن ٿا. مالديپ جي صدر چيو ته مالديپ 2028ع تائين بجلي جي ضرورتن جو 33 سيڪڙو قابل تجديد توانائي سان پورو ڪرڻ جو هدف رکي ٿو، پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ سامونڊي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي اهڙو ڪوريڊور ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن سان واپار کي موثر انداز ۾ هٿي ملي. مالديپ جي قومي ايئرلائين جلد مالي ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي اڏامون شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي جنهن سان واپار ۽ سياحت جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته سياحت، دواسازي ۽ صحت جي شعبي ۾ تعاون جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته اقتصادي حصيداري ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي. ان کان اڳ مالديپ جي اقتصادي ترقي، ٽرانسپورٽ ۽ واپار واري وزير محمد سعيد بزنس فورم کي خطاب ڪندي پاڪستان حڪومت جي شاندار ميزباني ۽ قابل قدر تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي موجودگي مضبوط اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته ٻطرفي واپار کي ايندڙ 2 سالن ۾ 20 ڪروڙ ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، مالديپ گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويجهي تعاون جي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته هي بزنس فورم گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۽ ڪاروبار جي اڀرندڙ موقعن بابت ڪارائتي معلومات فراهم ڪندو.

مزید خبریں