اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي چيو آهي ته پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع سان سرڪاري خريداري جي عمل ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ چٽاڀيٽي کي فروغ ڏيڻ سان گڏ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، نئين قانونن تحت سمورن سپلائرز کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سرڪاري ٽينڊرز ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. …
نئين پروڪيورمنٽ قانونن سان سرڪاري خريداري ۾ شفافيت، چٽاڀيٽي ۽ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ٿيندي: حسنات احمد قريشي

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي چيو آهي ته پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع سان سرڪاري خريداري جي عمل ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ چٽاڀيٽي کي فروغ ڏيڻ سان گڏ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي، نئين قانونن تحت سمورن سپلائرز کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سرڪاري ٽينڊرز ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. خميس ڏينهن هتي ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سرڪاري ادارن جي خريداري جي ذميوار آفيسرن، لاڳاپيل ادارن جي نمائندن ۽ ڪاروباري شعبي سان واڳيل ماڻهن جي لاءِ پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع بابت آگاهي جي حوالي سان منعقد خصوصي سيشن جي صدارت ڪندي هن چيو ته نوان قانون وزيراعظم جي اقتصادي نظم ۽ ضبط ۾ سڌارن جي پروگرام جي ڏس ۾ سرڪاري خريداري جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. حسنات احمد قريشي شرڪت ڪندڙن سان سوال ۽ جواب جي ويهڪ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي خريداري جي قانونن ۾ متعارف ڪرايل اهم سڌارن جي وضاحت ڪئي. هن سرڪاري خريداري جي عمل جي آزاداڻي نگراني، شڪايتن جي ازالي جي لاءِ خودمختيار نظام ۽ سرڪاري ادارن ۾ خريداري جي خصوصي شعبن جي قيام جي اهميت تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته انهن قدمن جو مقصد اداراجاتي جوابدهي کي مضبوط بڻائڻ، چٽاڀيٽي کي فروغ ڏيڻ، قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ سرڪاري خريداري جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ آهي. پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ان موقعي تي چيو ته قانون سرڪاري خريداري جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ پهچ جوڳو بڻائي ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندا، نئون نظام سمورن سپلائرز کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ، سرڪاري ٽينڊرز ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ خاص طور تي سرڪاري شعبي سان ڪاروبار جي خواهشمند ادارن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته نئين قانونن جي موثر لاڳو جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کي انهن جي گهرجن کان آگاهه ڪرڻ ۽ اداراجاتي صلاحيت ۾ اضافو ضروري آهي ته جيئن سرڪاري ادارا ۽ ٺيڪيدار نظرثاني ٿيل نظام تحت پنهنجون ذميواريون بهتر طور تي ادا ڪري سگهن، سيشن دوران شرڪت ڪندڙن کي نئين قانونن جي عملي لاڳو بابت وضاحت حاصل ڪرڻ، عملدرآمد دوران پيش ايندڙ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن ۽ ٺيڪيدارن جي نئين ذميوارين کي سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو. پيپرا جي ڊائريڪٽر جنرل ليگل ڊاڪٽر ايم اسلم وسيم شرڪت ڪندڙن کي پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع جي نمايان خصوصيتن کان آگاهه ڪيو. هن اڳوڻي قانونن جي مقابلي ۾ متعارف ڪرايل اهم تبديلين جي وضاحت ڪندي چيو ته انهن سڌارن جو مقصد سرڪاري خريداري جي عمل ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ قانونن جي پابندي کي بهتر بڻائڻ آهي. سيشن ۾ پيپرا جي سينيئر اسپيشلسٽ ٽريننگ اينڊ ڪيپسٽي بلڊنگ عتيق سلطان راجا، ڊائريڪٽر ٽريننگ فرخ بشير ۽ اي پيڊز جي ٽيڪنيڪي ٽيم پڻ شرڪت ڪئي.










