مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد پاران ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جو دورو

اسلام آباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد عوامي صحت جي تحفظ ۽ محفوظ ۽ معياري دوائن تي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريگيوليٽري تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. دوري دوران خاتون اول ساجده محمد عوامي صحت جي تحفظ ۽ دوائن جي معيار کي برقرار …

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) مالديپ جي خاتون اول ساجده محمد ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد عوامي صحت جي تحفظ ۽ محفوظ ۽ معياري دوائن تي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريگيوليٽري تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هو. دوري دوران خاتون اول ساجده محمد عوامي صحت جي تحفظ ۽ دوائن جي معيار کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڊريپ جي قيادت ۽ پيشيواراڻي صلاحيتون رکندڙ عملي جي خدمتن ۽ عزم کي ساراهيو. هن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان اميد جو اظهار ڪيو خاص طور تي دوائن جي ضابطاجاتي معاملن ۽ عوامي صحت جي شعبن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري عمل جي نئين موقعن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو جن جي ذريعي دوائن جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، ضابطاجاتي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ ۽ صحت جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

مزید خبریں