پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ جا وسيع امڪان آهن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سييد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي تعاون کي نوان رخ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع  امڪان موجود آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙو اظهار هن اسلام …

اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سييد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي تعاون کي نوان رخ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع  امڪان موجود آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزُو سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ 2026ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ دوستاڻي لاڳاپن جي علامت آهي. هن چيو ته مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو  اظهار آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا، دوستي گروپن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ذريعي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستاني دوائن، ڪپڙي، چانورن، سيمينٽ، گوشت، ميون ۽ ڀاڄين جي مالديپ جي مارڪيٽن تائين رسائي وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. تعليم، صحت، نوجوانن جي ترقي ۽ انساني وسيلن جي شعبن ۾ تعاون به  ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. سينيٽ چيئرمين واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ  لاءِ هوائي ۽ سامونڊي رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته عوامي رابطن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ نوجوانن جي رابطي سان ٻنهي ملڪن جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته اعليٰ سطحي جا مسلسل رابطا ۽ پارلياماني تعاون پاڪستان ۽ مالديپ جي دوستاڻي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪندا. ٻنهي ملڪن جي مضبوط ڀائيواري عوام جي خوشحالي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهائيندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان خطي ۽ عالمي سطح تي امن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ايران-آمريڪا تڪرار ۾ پاڪستان جي ڪردار کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪ-ڀارت تڪرار دوران به پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو چيو ته هو پاڪستان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ مالديپ انهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندو. مالديپ جي صدر عالمي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ  لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رهڻ گهرجن.

مزید خبریں