پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏئي ترقي ۽ خوشحالي جا نوان امڪان پيدا ڪري سگهجن ٿا: صدر آصف علي زرداري

لاهور - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي حصيداري، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ گڏيل مفاد جي ڪاروباري موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏئي ترقي ۽ خوشحالي جا نوان امڪان پيدا ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس …

لاهور – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي حصيداري، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ گڏيل مفاد جي ڪاروباري موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏئي ترقي ۽ خوشحالي جا نوان امڪان پيدا ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن لاهور جي ليڪ سٽي ۾ سعودي پاڪستان ريئل اسٽيٽ ايڪسپو (سپريڪس) جي دوري جي موقعي تي ڪيو جتي ايڪسپو ۾ شريڪ ڪمپنين، انهن جي منصوبن ۽ پاڪستان جي ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري جي امڪاني موقعن بابت بريفنگ ڏني وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان ۽ ليڪ سٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ سعودي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبر ڊاڪٽر گوهر اعجاز صدر جو استقبال ڪيو. ايڪسپو ۾ سعودي عرب جي نمايان ريئل اسٽيٽ ۽ سيڙپڪار ڪمپنين جا پويلين قائم ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي سعودي پاڪستان بزنس ڪائونسل جو چيئرمين شهزاده منصور بن محمد آل سعود ۽ ڪائونسل جو نائب چيئرمين عبدالعزيز الاشرفي پڻ شريڪ هئا. ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندڙ سعودي ڪمپنين ۾ صفا انويسٽمينٽ، ناليج اڪنامڪ سٽي، سمو انويسٽمنٽ، المجيديه، اولو ريئل اسٽيٽ، الديار العربيه، بن دائود انويسٽمينٽ ۽ انٽرنيشنل گيٽ انويسٽمينٽ شامل آهن. اهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ امڪاني سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺي رهيون آهن جڏهن ته سعودي سيرپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحد پار سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره ۾ پنهنجا منصوبا پڻ پيش ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي حصيداري، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ گڏيل مفاد جي ڪاروباري موقعن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر چيو ته سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل رهيو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو. صدر پاڪستاني ۽ سعودي ڪاروباري برادرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي منتظمين جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون سرگرميون سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، نجي شعبي جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. هن چيو ته ايڪسپو ۾ سعودي عرب جي نمايان ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري گروپن جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي وڌندڙ امڪانن کي ظاهر ڪري ٿي، سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ گڏيل منصوبن جي ذريعي ترقي جي هڪ نئين مرحلي جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي. صدر پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مددگار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. ان موقعي تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) جي فضائي عملي جي نئين يونيفارم پڻ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي وئي.

مزید خبریں