پشاور - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت، عسڪري قيادت سان گڏجي خيبرپختونخواهه جي عوام جا مسئلا حل ڪندي، خيبرپختونخواهه ۾ خوشين، امن ۽ ترقي جو دور واپس آڻي صوبي جي عوام جي خوشحالي جي خوابن کي عملي جامعو پارائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي فيڊرل ايپڪس ڪميٽي …
وفاقي حڪومت، عسڪري قيادت سان گڏجي خيبرپختونخواهه جي عوام جا مسئلا حل ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
پشاور – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت، عسڪري قيادت سان گڏجي خيبرپختونخواهه جي عوام جا مسئلا حل ڪندي، خيبرپختونخواهه ۾ خوشين، امن ۽ ترقي جو دور واپس آڻي صوبي جي عوام جي خوشحالي جي خوابن کي عملي جامعو پارائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ 12 ضلعن ۾ ايمرجنسي لڳائڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. خصوصي اجلاس دوران خيبرپختونخواهه جي امن جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه غيرتمند ۽ بهادر ماڻهن جو خوبصورت صوبو آهي. اهو رحمان بابا ۽ خوشحال خان خٽڪ جو صوبو آهي، آزادي جي وقت ان صوبي وڏي اڪثريت سان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته هن وقت خيبرپختونخواهه دهشتگردي، بنيادي عوامي سهولتن جي عدم دستيابي کان تمام گهڻو متاثر آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام محرومين جي شڪار آهي، اسان کي مجبوري ۾ صوبي م ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻوپيو. الله تعالى کان دعا آهي ته صوبي ۾ امن ۽ ترقي جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪري. هن پشاور اسڪول جي ڇت ڪري پوڻ جي واقعي ۾ هڪ ماسترياڻي ۽ ٻارن جي افسوسناڪ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هن خيبرپختونخواهه جي گورنر کي چيو هو ته هو متاثر جڳهه جو فوري طور تي دورو ڪري ان سانحي جي مڪمل جاچ ڪرائي. وزيراعظم صوبي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪجهه سالن ۾ جيڪي حالتون پيدا ڪيون ويون ان جي ڪري هي صوبو تمام گهڻو متاثر آهي. 6 سالن ۾ جيڪي حالتون پيدا ڪيون ويون ان کانپوءِ امن امان کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هن چيو ته اسان جي بهادر فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي خيبرپختونخواهه سميت پاڪستان ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو ۽ 2018ع تائين ان صوبي ۾ مڪمل امن قائم ٿي ويو هو. اهو امن سيڪيورٽي ادارن سميت اسان جي مائرن، ڀينرن ۽ ٻارن جي قربانين جي نتيجي ۾ قائم ٿيو هو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي سئو ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي ڪيترائي سياسي خاندانن دهشتگردي جي خلاف تمام وڏيون قربانيون ڏنيون، ڪيترائي ڀيرا اجڙي ويا، عظيم قربانين جي نتيجي ۾ مڪمل امن قائم ٿيو هو. وزيراعظم چيو ته امن قائم ڪرڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ دور ۾ دهشتگردن کي ٻيهر گهرايو ويو ۽ سمورين قربانين تي پاڻي ڦيريو ويو، جنهن جو خميازو صوبي جي عوام کي ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته قوم جي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي هزارين جوانن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. انهن قربانين جو احساس ۽ احترام نه ڪرڻ کان وڏي ملڪ دشمني ڪا ٻي نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تعليم، صحت، امن سميت عوامي ڀلائي جا سمورا معاملا نظرانداز ڪيا ويا، ان کان وڏي ڏوهاري غفلت ۽ بي حسي جو مٿال ٻيو نه ٿو ٿي سگهي. انهي جي ڪري تازن ڪجهه سالن ۾ دهشتگردي ۾ ٻيهر اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته گذريل صوبائي حڪومت جي دور ۾ پوليس جي 5 هزار جاين تي ڀرتي نه ڪئي وئي، خيبرپختونخواهه ۾ سيف سٽي منصوبو اڃا به مڪمل نه آهي، دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي ۽ پوليس جي تربيت تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. هن ٻڌايو ته 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ سمورن صوبن گڏجي خيبرپختونخواهه جي مدد جو فيصلو ڪيو، سمورن صوبن دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ خيبرپختونخواهه کي وسيلا فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. صوبن گڏجي فيصلو ڪيو ته خيبرپختونخواهه دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين آهي، سمورن وڏن وزيرن فيصلو ڪيو ته وفاق ۽ صوبن جي حصي جي فنڊز مان هڪ سيڪڙو اضافي خيبرپختونخواهه کي ڏنا وڃن. هن چيو ته 2010ع کانپوءِ خيبرپختونخواهه کي اين ايف سي ايوارڊ تحت دهشتگردي جي خاتمي جي مد ۾ 800 ارب رپيا ڏنا ويا. افسوسناڪ جو مقام آهي ته دهشتگردي ختم ٿيڻ بدران وڌي اڀري سامهون آئي. خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز کي تربيت ۽ جديد هٿيار ۽ ٻيا اوزار نه ڏنا ويا. خيبرپختونخواهه بابت اها انتهائي تڪليف ڏيندڙ داستان آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو هو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ توهان سان گڏ بيٺل آهيون، گذريل اڍائي سالن ۾ ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي وئي، سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڏينهن رات ڪوششن سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، دوستن سان گڏ غير به اقرار ڪن ٿا ته پاڪستان معيشت بحال ڪئي. وزيراعظم سوال ڪيو ته ڇا اسان خيبرپختونخواهه کي وڌيڪ سڙندي ڏسندا رهون؟ اسان سياسي ڪميٽي ٺاهي انهن 48 ڪلاڪن تائين ڳالهه ٻولهه تمام گهڻي محنت ڪئي، ڪيستائين اسان خيبرپختونخواهه ۾ رتوڇاڻ برداشت ڪندا رهنداسين؟ وزيراعظم چيو ته هن خيبرپختونخواهه جي انتهائي خراب حالتن تي صدر سان ٻيهر مشاورت ڪئي. انهن ئي سببن جي بنياد تي خيبرپختونخواهه ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پيا. وزيراعظم چيو ته مشاورتي ڪائونسل وجود ۾ اچي چڪي آهي جنهن ۾ مختلف شعبن جا ماهر شامل آهن، مشاورتي ڪائونسل ۾ قابل ۽ ايماندار ماڻهو شامل آهن. 13 سالن کان صوبي جي عوام ترسيل آهي ته انهن جا مسئلا حل ٿين، خيبرپختونخواهه جي عوام چاهي ٿي ته انهن کي به بنيادي سهولتون انهن جي درن تي ميسر هجن، ان تبديلي جا مثبت نتيجا حاصل ڪرڻ لازمي آهي. الله جي مدد ۽ توهان سڀني جي تعاون سان سيڪيورٽي سميت مجموعي حالتون بهتر ٿينديون. وزيراعظم خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن جو ذڪر ڪندي چيو ته جنهن پارٽي ڪرپشن جي خاتمي جي نالي تي ووٽ ورتا اها پاڻ ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي، خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن جون نيون ڪهاڻيون سامهون آيون، خيبرپختونخواهه ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي منصوبي ۾ هڪ سئو ارب رپين جي ڪرپشن ٿي، ڪوهستان ميگا اسڪينڊل ۾ 37 ارب رپين جي ڪرپشن سامهون آئي، پليسر گولڊ پراجيڪٽ ۾ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا ويا. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جيڪو قدم کنيو ويو، قانون ۽ آئين ان فيصلي جو اختيار ڏي ٿو. وزيراعظم خيبرپختونخواهه بابت فيصلي تي سمورين اتحادي پارٽين، صدر آصف علي زرداري ۽ قائد نواز شريف جا خاص طور تي ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته واعدو ڪريان ٿو ته وفاقي حڪومت، عسڪري قيادت سان گڏجي خيبرپختونخواهه جي عوام جا مسئلا حل ڪندي، خيبرپختونخواهه ۾ خوشين، امن ۽ ترقي جو دور واپس آڻينداسين، خيبرپختونخواهه جي عوام جي خوشحالي جي خوابن کي عملي جامعو پارائينداسين. ان کان اڳ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام امن چاهي ٿي، فوج، ايف سي ۽ پوليس خيبرپختونخواهه ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، خيبرپختونخواهه م پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ وفاق جو تعاون ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان جا سمورا ادارا جيڪڏهن هڪ صفحي تي هجن ته امن ۽ ترقي جو عمل نه ٿو روڪي سگهجي، صوبي مان دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ مالي مدد ڪندڙن جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ مسئلن جي حل لاءِ قابل عمل حڪمت عملي جوڙڻ اسان جو مقصد آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ وفاق جي تعاون تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته صوبي ۾ اهڙو ماحول چاهيون ٿا ته جتي هر شهري پاڻ کي محفوظ ۽ ترقي جي عمل جو حصو سمجهي، خيبرپختونخواهه کي امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جو مثالي صوبو بڻائڻو آهي، عوامي تحفظ ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، اعلى عسڪري قيادت ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي.











