پشاور-22 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنرن کي ايم پي او آرڊيننس تحت گرفتاري ۽ نظربندي جا اختيار منتقل ڪري ڇڏيا. گهرو ۽ قبائلي معاملن واري کاتي جي پڌرائي موجب خيبرپختونخوا جي گورنر ڊپٽي ڪمشنرن کي ايم پي او آرڊيننس 1960ع جي سيڪشن 3، ذيلي سيڪشن هڪ تحت اختيار ڏئي ڇڏيا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته …
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊپٽي ڪمشنرن کي گرفتاري ۽ نظربندي جا اختيار ڏئي ڇڏيا

مزید خبریں
پشاور-22 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنرن کي ايم پي او آرڊيننس تحت گرفتاري ۽ نظربندي جا اختيار منتقل ڪري ڇڏيا. گهرو ۽ قبائلي معاملن واري کاتي جي پڌرائي موجب خيبرپختونخوا جي گورنر ڊپٽي ڪمشنرن کي ايم پي او آرڊيننس 1960ع جي سيڪشن 3، ذيلي سيڪشن هڪ تحت اختيار ڏئي ڇڏيا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي پوليس آفيسرن طرفان ڪيس ملڻ تي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر فوري طور ڪارروائي ڪندو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته هي فيصلو 11 آڪٽوبر تي صوبي ۾ ايمرجنسي جي اعلان جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد انتظامي دير گهٽ ڪرڻ ۽ امن امان بابت وقت سر قدمن کي يقيني بڻائڻ آهي. پڌرائي موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنرز اختيارن جو استعمال آئين ۽ قانون موجب ڪن ۽ انهن اختيارن جو ڪنهن به صورت ۾ غلط استعمال نه ٿئي، عوام جي امن، تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ پهرين ترجيح آهي.











