حيدرآباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”ميڊيا ۾ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڪارڻ ۽ نتيجا“ جي عنوان سان هڪ مذاڪرو ڪرايو ويو. مذاڪري ۾ ڳالهائيندي ناليواري سينئر صحافي ناز سھتي چيو ته ٻين ٻولين جا لفظ جذب ڪري پنھنجو ڪندڙ ٻولي ختم نٿي ٿي سگهي، سنڌي ٻولي ۾ اها صلاحيت ۽ گنجائش موجود آهي پر پنهنجي ٻولي ۾ لفظ هئڻ باوجود ٻين ٻولين جي لفظن جي …
حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ميڊيا ۾ ٻولي جي بگاڙ، ڪارڻ ۽ نتيجا جي عنوان سان مذاڪرو

مزید خبریں
حيدرآباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ”ميڊيا ۾ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڪارڻ ۽ نتيجا“ جي عنوان سان هڪ مذاڪرو ڪرايو ويو. مذاڪري ۾ ڳالهائيندي ناليواري سينئر صحافي ناز سھتي چيو ته ٻين ٻولين جا لفظ جذب ڪري پنھنجو ڪندڙ ٻولي ختم نٿي ٿي سگهي، سنڌي ٻولي ۾ اها صلاحيت ۽ گنجائش موجود آهي پر پنهنجي ٻولي ۾ لفظ هئڻ باوجود ٻين ٻولين جي لفظن جي استعمال کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۾ خبرون ٺاهڻ، ڊراما توڙي مضمون لکڻ سيکاريو ويندو آهي پر اتي ٻولي ناهي سيکاري ويندي، ان ڪري بگڙيل لفظن ۽ ان جي متبادل نج سنڌي لفظن جا چارٽ ٺاهي ميڊيا جي ادارن ۾ لڳايا وڃن روز ڏسڻ سان ان نج سنڌي لفظن جو استعمال پڻ ٿيندو .ناليواري قانوندان ۽ ليکڪ روشن سُندر چانڊيي چيو ته سوشل ميڊيا تي استعمال ٿيندڙ 40-50 اهڙا لفظ آهن جيڪي مختلف موقعن تي اسان جي مخالفت ۾ به وڃي سگهن ٿا، هر لفظ کي استعمال ڪرڻ جا الڳ طريقا هوندا آهن اهو ساڳيو لفظ ماڻهو کي ڏوهاري به بڻائي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪنھن به عمل ڪرڻ کان اڳ اهو ضرور ڏسڻ گهرجي ته ان جا نتيجا ڪھڙا نڪرندا، هاڻ سائبر ڪرائيم جون شقون وڌايون ويون آهن اهڙي صورتحال ۾ فيس بڪ اسان جي دوست نه پر دشمن بڻجي وئي آهي، ڪنھن به ڳالهھ جي انداز بيان ۾ ماڻهو ڦاسي به سگهي ٿو، ان حوالي سان سائبر ڪرائيم بابت ڪتاب آيو آهي اهو هر ڪنهن کي پڙهڻ گهرجي. آن لائن مباحثي جي ميزباني ڪندي اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر شير مھراڻي چيو ته هر ٻوليءَ جو پنھنجو مزاج هوندو آهي، اهو فطري عمل آهي ته جنھن ٻولي جو گرامر ڪنهن ٻي ٻوليءَ سان ملي ٿو ته اڳين ٻولي ٻي ٻوليءَ جي لفظن کي جلدي پنھنجو ڪري وٺندي آهي. هن چيو ته ساڳيو خيال لفظن جي غلط چونڊ سبب ڏوھ جي زمري ۾ به اچي سگهي ٿو ته عام ڳالهه جي معنا به ڏئي سگهي ٿو. ان ڪري ڳالهائڻ ۽ لکڻ کان اڳ مناسب وقت تي مناسب لفظن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي.











