ڪراچي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي واري صلاحڪار گيانچند ايسراڻي موبائل هيلٿ يونٽن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، ڊجيٽل ڊيٽا ۽ مانيٽرنگ جو نظام فعال ڪرڻ ۽ عوام ۾ موبائل اسپتالن بابت آگاهي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.اهڙيون هدايتون هن هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته جون 2016ع کان سيپٽمبر 2026ع تائين موبائل ڊائيگناسٽڪ اينڊ ايمرجنسي …
سنڌ ۾ 10 سالن دوران 50 لک 19 هزار 864 مريضن کي موبائيل ڊائيگناسٽڪ اينڊ ايمرجنسي ذريعي سروس فراهم ڪئي وئي: گيانچند ايسراڻي

مزید خبریں
ڪراچي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي واري صلاحڪار گيانچند ايسراڻي موبائل هيلٿ يونٽن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، ڊجيٽل ڊيٽا ۽ مانيٽرنگ جو نظام فعال ڪرڻ ۽ عوام ۾ موبائل اسپتالن بابت آگاهي وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.اهڙيون هدايتون هن هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته جون 2016ع کان سيپٽمبر 2026ع تائين موبائل ڊائيگناسٽڪ اينڊ ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر سروسز ذريعي 50 لک 19 هزار 864 مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، جڏهن ته 12 لک 74 هزار 322 ليبارٽري ۽ ٻيون طبي ٽيسٽون ڪيون ويون. اداري جا 20 موبائل يونٽ، جن ۾ 13 موبائل ڊائيگناسٽڪ ۽ 7 موبائل هيلٿ يونٽ شامل آهن، سنڌ جي 17 ضلعن ۾ خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن.اجلاس ۾ عمرڪوٽ جي ماڊل موبائل اسپتال بابت ٻڌايو ويو ته اتي هن وقت تائين 3 هزار 654 ٻارن جي پيدائش جا ڪيس مڪمل ڪيا ويا، جڏهن ته 18 هزار 178 مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. اسپتال ۾ موبائل آءِ سي يو، گائناڪالاجي ۽ نون ڄاول ٻارن جي نگراني لاءِ پڻ سهولتون موجود آهن.گيانچند ايسراڻي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اداري جي سرگرمين، مريضن جي رڪارڊ، طبي ٽيسٽن، عملي ۽ گاڏين جي تفصيلن تي ٻڌل ويب سائيٽ ۽ ڊجيٽل پورٽل هڪ هفتي اندر فعال ڪيو وڃي. هن موبائل هيلٿ يونٽن جي گاڏين ۾ ٽريڪر فعال ڪري سندن اچ وڃ، عملي جي حاضري ۽ مريضن کي سهولتن جي فراهمي جي نگراني يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.هن چيو ته موبائل اسپتالن بابت عوامي آگاهي وڌائڻ لاءِ سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي مهم هلائي وڃي ۽ طبي ڪئمپن کان اڳ مقامي آبادي کي اطلاع ڏنو وڃي، جيئن وڌيڪ ماڻهو مفت يا دستياب طبي معائنن ۽ ليبارٽري ٽيسٽن مان فائدو حاصل ڪري سگهن.صلاحڪار واضح ڪيو ته هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن دوران متاثر علائقن ۽ رليف ڪئمپن ۾ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ پڻ بحالي کاتي جي ذميوارين ۾ شامل آهي، تنهنڪري موبائل هيلٿ يونٽن کي هنگامي خدمتن لاءِ تيار رکيو وڃي. هن زور ڏنو ته عوام کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ اداري جي ڪارڪردگي، شفافيت ۽ جوابدهي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.اجلاس ۾ بحالي کاتي جي سيڪريٽري رفيق مصطفيٰ شيخ، ڊائريڪٽر موبائل ڊائيگناسٽڪ اينڊ ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر سروسز ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.











