لاڙڪاڻو - 22 آڪٽوبر(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو آهي. پوليس ترجمان موجب خميس ڏينهن رحمتپور ٿاڻو جي حد قطب ميريج هال واري علائقي ۾ واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن ۽ گشت تي موجود پوليس آمهون سامهون ٿي پيا، مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 22 آڪٽوبر(اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيو آهي. پوليس ترجمان موجب خميس ڏينهن رحمتپور ٿاڻو جي حد قطب ميريج هال واري علائقي ۾ واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن ۽ گشت تي موجود پوليس آمهون سامهون ٿي پيا، مقابلي دوران ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي،زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ روپوش جوابدار علي زيب سولنگي جي نالي سان ٿي آهي.شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ سنگين ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث ۽ روپوش آهي، فرار ٿي ويل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.











