حيدرآباد ۾ کير جا وڌيڪ اگهه وٺڻ ۽ ايل پي جي جي غيرقانوني ريفلنگ خلاف ڪارروائي، ٽن دڪانن تي ڏنڊ، ٻه سيل

حيدرآباد - 22 آڪٽوبر (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي صائمه نور شهر ۾ کير جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد ۽ ايل پي جي جي غيرقانوني ريفلنگ توڙي وڌيڪ اگهن تي وڪري جي روڪٿام لاءِ مختلف دڪانن جو معائنو ڪيو.ڪارروائي دوران الله والا چوڪ، هيرآباد ۾ واقع ناگوري ملڪ شاپ ۽ گلاب ڊيري، جڏهن ته ڇوٽڪي گهٽي ۾ جاويد ناگوري جي دڪان تي …

حيدرآباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي صائمه نور شهر ۾ کير جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد ۽ ايل پي جي جي غيرقانوني ريفلنگ توڙي وڌيڪ اگهن تي وڪري جي روڪٿام لاءِ مختلف دڪانن جو معائنو ڪيو.ڪارروائي دوران الله والا چوڪ، هيرآباد ۾ واقع ناگوري ملڪ شاپ ۽ گلاب ڊيري، جڏهن ته ڇوٽڪي گهٽي ۾ جاويد ناگوري جي دڪان تي کير سرڪاري مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪرڻ تي هر دڪان تي 30 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ان موقعي تي شهرين کي کير جي مقرر ڪيل سرڪاري اگهن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.ٻئي طرف ايل پي جي جي غيرقانوني ڊيڪنيٽنگ ۽ مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ قيمت تي وڪري خلاف ڪارروائي ڪندي پٺاڻ ڪالوني ۽ هيرآباد ۾ قائم ايل پي جي جي ٻن دڪانن کي سيل ڪيو ويو، جڏهن ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي.

مزید خبریں