فرانس جو يورپي يونين ۽ نيٽو کان عليحدگي لاءِ ريفرينڊم قومي خودمختياري معاشرتي اتحاد جو واحد رستو آهي: اڳوڻو ڪرنل جيڪ هوگارڊ

پيرس-22 آڪٽوبر(اي پي پي)فرانس جي اڳوڻي آفيسر جيڪ هوگارڊ چيو آهي ته فرانس جو يورپي يونين ۽ نيٽو کان عليحدگي لاءِ ريفرينڊم ڪرائڻ قومي خودمختياري جي بحالي ۽ معاشري ۾ اتحاد يڪجهتي مضبوط بنائڻ جو واحد رستو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جيڪ هوگارڊ چيو ته فرانس ۾ آزاد چونڊون ڪرائڻ گهرجن انهن سان گڏ يورپي يونين ۽ نيٽو کان عليحدگي جي معاملي تي ريفرينڊم به ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته …

پيرس-22 آڪٽوبر(اي پي پي)فرانس جي اڳوڻي آفيسر جيڪ هوگارڊ چيو آهي ته فرانس جو يورپي يونين ۽ نيٽو کان عليحدگي لاءِ ريفرينڊم ڪرائڻ قومي خودمختياري جي بحالي ۽ معاشري ۾ اتحاد يڪجهتي مضبوط بنائڻ جو واحد رستو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جيڪ هوگارڊ چيو ته فرانس ۾ آزاد چونڊون ڪرائڻ گهرجن انهن سان گڏ يورپي يونين ۽ نيٽو کان عليحدگي جي معاملي تي ريفرينڊم به ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ئي واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي فرانس پنهنجي خودمختياري ۽ آزادي ٻيهر حاصل ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هيو ته اهڙو ريفرينڊم فرانس جي عوام جي وڏي اڪثريت کي هڪ گڏيل مقصد تي متحد ڪرڻ ۽ انهن  قدمن جي شروعات ڪندڙ نئين حڪومت جي عوامي تائيد ۽ قانوني جواز فراهم ڪرڻ جو موقعو ڏئي سگهي ٿو.

مزید خبریں