ڪراچي- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جرمن قونصل جنرل ٿامس اي شلٽز وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي آئنده جرمني جي دوري، ٻه طرفن اقتصادي لاڳاپن، واپار ۽ ترقياتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ ماحولياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي جرمني جي …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جرمن قونصل جنرل ٿامس اي شلٽز جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جرمن قونصل جنرل ٿامس اي شلٽز وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي آئنده جرمني جي دوري، ٻه طرفن اقتصادي لاڳاپن، واپار ۽ ترقياتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ ماحولياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي جرمني جي دوري جي حوالي سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جو وڏو وزير پڻ ان اهم دوري ۾ صدر مملڪت سان گڏ ويندڙ وفد جو حصو هوندو. ڳالهه ٻولهه دوران صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ماحولياتي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو ويو جتي سنڌ جي وڏي وزير جرمن ٽيڪنالاجي جي مدد سان منڇر ڍنڍ جي پاڻي کي صاف ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن تي جرمن قونصل جنرل ٿامس اي شلٽز پاڻي جي صفائي لاءِ جرمن جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪينال لائننگ جي بهتري جي منصوبن تي پڻ زور ڏنو ته جيئن زرعي پاڻي جي ضايع ٿيڻ کي روڪي سگهجي ۽ آبادگارن تائين پاڻي جي اثرائتي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي، جنهن تي جرمن قونصل جنرل اتفاق ڪيو ته جرمن مهارت ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان زرعي پاڻي جي ضايع ٿيڻ ۾ نمايان گھٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ منظم بڻائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي خاص معاون قاسم نويد کي هدايت ڪئي ته هو جرمن ادارن سان رابطي ۽ سهڪار جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائي. ملاقات ۾ جرمن ترقياتي ايسوسيئيشن جي هلندڙ پروگرامن، سيڙپڪاري، فني سهڪار ۽ مختلف شعبن ۾ ڀائيواري جي نون موقعن کي ڳولڻ تي پڻ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. جرمن قونصل جنرل سنڌ سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن جو جائزو وٺڻ ۾ وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جرمني سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ معاشي ترقي لاءِ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي سيڙپڪاري بابت وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.











