اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 27 آڪٽوبر تي ملهائجندڙ ڪاري ڏينهن جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي. هتي جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي ڪشمير معاملن بابت ڪوآرڊينيٽر شبير احمد عثماني، ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه، ڪشمير …
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل ۾ اعليٰ سطحي اجلاس
اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 27 آڪٽوبر تي ملهائجندڙ ڪاري ڏينهن جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي. هتي جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي ڪشمير معاملن بابت ڪوآرڊينيٽر شبير احمد عثماني، ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه، ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري ايڊيشنل سيڪريٽري ڪامران رحمان خان، جوائنٽ سيڪريٽري منور حسين، جوائنٽ سيڪريٽري آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل علي اڪبر خٽڪ ۽ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ پرويز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ان ڏينهن کي سڄي پاڪستان ۾ پوري جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو ۽ ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير (آءِ آءِ او جي ڪي) جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. انجنيئر امير مقام ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي ڀارتي ڏاڍ خلاف ثابت قدم مزاحمت کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ هزارين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ۽ قيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حق ۽ انصاف جي تازي تحريڪ ڪشمير مسئلي تي عالمي ڌيان ٻيهر ڇڪايو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪشمير معاملن واري وزارت ڪارو ڏينهن ملهائڻ کي مناسب طريقي سان ملهائڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪيو آهي. هن چيو ته هن سال اهو ڏينهن اڳ کان وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. هي ڏينهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوجن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ داخل ٿي ان تي قبضو ڪيو هو جنهن کي ڪشميري هر سال ڪاري ڏينهن طور ملهائي مذمت ڪندا آهن. امير مقام آل پارٽيز حريت ڪانفرنس (اي پي ايڇ سي) جي مسلسل وڪالت جي واکاڻ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪاري ڏينهن تي هڪ متحد پيغام ڏنو ويندو. اي پي ايڇ سي اڳواڻ ايڊووڪيٽ پرويز چيو ته ڪشميري ۽ پاڪستاني هڪ آهن.اي پي ايڇ سي قيادت سڀني جسلن ۾ فعال طور شرڪت ڪندي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانا پڻ ان ڏينهن ملهائڻ لاءِ تقريبون منعقد ڪندا.












