خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي اٽارني جنرل پاڪستان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي نوٽيس جاري

پشاور- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پشاور هاءِ ڪورٽ، خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي اٽارني جنرل پاڪستان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي نوٽيس جاري ڪندي 14 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت درخواستن تي گذريل ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته صوبائي اسيمبلي جي منظوري …

پشاور- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) پشاور هاءِ ڪورٽ، خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي اٽارني جنرل پاڪستان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي نوٽيس جاري ڪندي 14 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت درخواستن تي گذريل ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته صوبائي اسيمبلي جي منظوري بنا ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ ٺوس ثبوت موجود نه هئا. درخواستگذارن مطابق صوبي ۾ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪيو ويو، جنهن جو مقصد سول انتظاميه جي معاونت ڪرڻ آهي. درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 245 تحت فوج کي سول اٿارٽي جي مدد لاءِ طلب ڪرڻ جو اختيار صوبائي حڪومت وٽ آهي. ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل درخواستن جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض اٿاريو، جنهن کانپوءِ عدالت، اٽارني جنرل پاڪستان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخوا کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 14 ڏينهن اندر پنهنجا جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پشاور هاءِ ڪورٽ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں