راجن پور ويجهو مسافر بس حادثي ۾ 10 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي

راجن پور- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) راجن پور جي علائقي بنگلا هدايت ويجهو مسافر بس حادثي ۾ 10 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمي مسافرن کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي ڊپٽي ڪمشنر عمران حسين رانجھا ۽ ڊي پي او محمد عمران حادثي واري هنڌ پهچي ويا. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي پي او ريسڪيو …

راجن پور- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) راجن پور جي علائقي بنگلا هدايت ويجهو مسافر بس حادثي ۾ 10 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمي مسافرن کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي ڊپٽي ڪمشنر عمران حسين رانجھا ۽ ڊي پي او محمد عمران حادثي واري هنڌ پهچي ويا. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي پي او ريسڪيو 1122 جي امدادي ڪارروائين جو پاڻ جائزو ورتو. ڊپٽي ڪمشنر ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال راجن پور ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ ايم ايس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال راجن پور کي زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. امدادي ڪارروائين دوران اسسٽنٽ ڪمشنر روجهان اشرف صالح ۽ ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم به موقعي تي موجود هئا. ريسڪيو ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ٻڌايو ته حادثي ۾ فوتين ۾ مريم بي بي ڌيءَ حماد احمد، ثروه رشيد، ڌيءَ رشيد احمد، رشيد احمد پٽ الله وسايا، محمد آصف، محمد ڪاشف پٽ منظور احمد، لال ناز ، محمد رستم پٽ خان محمد، عبدالمنان پٽ سونارا، محمد طارق پٽ الله بخش، شوڪت پٽ قادر بخش شامل آهن.

مزید خبریں