حيدرآباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ حيدرآباد جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد اڪبر علي شاهه معصوميءَ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن ۽ الطاس پاڪ ڪمپنيءَ جي جنرل مئنيجر ۽ ڊپٽي مئنيجر شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ شهر اندر صفائيءَ جي انتظامن، جاري آپريشنز ۽ صفائيءَ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.گڏجاڻيءَ …
حيدرآباد ۾ صفائيءَ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايس ايس ڊبليو ايم بي ۽ الطاس پاڪ ڪمپنيءَ کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
حيدرآباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ حيدرآباد جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد اڪبر علي شاهه معصوميءَ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن ۽ الطاس پاڪ ڪمپنيءَ جي جنرل مئنيجر ۽ ڊپٽي مئنيجر شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ شهر اندر صفائيءَ جي انتظامن، جاري آپريشنز ۽ صفائيءَ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هدايت ڪئي ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جا عملدار ۽ الطاس پاڪ ڪمپنيءَ جا ذميوار نمائندا پاڻ ۾ ويجهو رابطو، هم آهنگي ۽ سهڪار برقرار رکن ۽ شهر ۾ صفائيءَ جي آپريشنز تي خاص ڌيان ڏين. هن چيو ته شهرين کي صفائيءَ جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ گڏيل ذميواري آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل عملدارن ۽ ڪمپنيءَ جي نمائندن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد اڪبر علي شاهه معصوميءَ زور ڀريو ته بورڊ ۽ ڪمپنيءَ جا عملدار پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ اثرائتو بڻائين ۽ گڏيل صلاح مشوري ۽ سهڪار سان ڪم ڪن، جيئن صفائيءَ جي معاملن ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري آپريشنز کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائي سگهجي.هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد کي صاف سٿرو رکڻ، صفائيءَ جي انتظامن کي بهتر بڻائڻ ۽ شهرين کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ۽ الطاس پاڪ ڪمپنيءَ کي هڪ ٽيم جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون. هن چيو ته گڏيل سهڪار، اثرائتي نگراني ۽ ذميواريءَ سان ڪم ڪرڻ وسيلي ئي صفائيءَ جا گهربل هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا.










