بئنڪاڪ-21 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ايشيائي معيشت جي مضبوطي ۽ بحرانن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو آهي ته اثرائتي معاشي پاليسين جي تسلسل سان خطي جي ترقي جي رفتار برقرار رهي سگهي ٿي. عالمي مالياتي فنڊ جي ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي شعبي جي ڊائريڪٽر ڪرشنا سرينيواسن ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪاڪ ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ گروپ …
عالمي مالياتي فنڊ پاران ايشيائي معيشت جي مضبوطي ۽ توانائي جي واکاڻ

مزید خبریں
بئنڪاڪ-21 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ايشيائي معيشت جي مضبوطي ۽ بحرانن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو آهي ته اثرائتي معاشي پاليسين جي تسلسل سان خطي جي ترقي جي رفتار برقرار رهي سگهي ٿي. عالمي مالياتي فنڊ جي ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي شعبي جي ڊائريڪٽر ڪرشنا سرينيواسن ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪاڪ ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ گروپ جي 2026ع جي سالياني خزان اجلاس دوران چائنا ميڊيا گروپ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ايشيائي معيشت مضبوط آهي، مختلف دٻاءُ ۽ بحرانن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ جيڪڏهن پاليسين تي صحيح رخ ۾ عملدرآمد جاري رهيو ته مستقبل ۾ به ان جي توانائي ۽ ترقي جي رفتار برقرار رهي سگهجي ٿي. هن چيو ته ايشيائي ملڪن مسلسل غير معمولي لچڪ ۽ حالتن موجب پاڻ کي بدلائڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ مختلف نوعيت جي جھٽڪن کي منهن ڏيڻ ۾ تجربو حاصل ڪيو آهي. ايشيا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ کليل علائقن ۾ شامل آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ايشيائي ملڪن واپار لاءِ پنهنجين مارڪيٽن کي کولڻ سان ڀرپور فائدو کنيو آهي ۽ هي عنصر اڄ به خطي جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاليسين تي مناسب انداز ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي ته ايشيائي معيشت مستقبل ۾ به مضبوط، متحرڪ رهي سگهي ٿي.











