واشنگٽن- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ٻي صدارتي مدي دوران هن وقت تائين ٽي لک کان وڌيڪ آمريڪي ويزا رد ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا تاريخ جي ڪنهن به ٻي آمريڪي انتظاميا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تعداد ۾ ويزا رد ڪيا آهن. هن چيو ته انتظاميا انهن پرڏيهي شهرين …
آمريڪا پاران صدر ٽرمپ جي ٻي مدي دوران 3 لک ويزا رد ڪيا ويا

مزید خبریں
واشنگٽن- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ٻي صدارتي مدي دوران هن وقت تائين ٽي لک کان وڌيڪ آمريڪي ويزا رد ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا تاريخ جي ڪنهن به ٻي آمريڪي انتظاميا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تعداد ۾ ويزا رد ڪيا آهن. هن چيو ته انتظاميا انهن پرڏيهي شهرين جي معاملي ۾ ٻڙي برداشت واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي جيڪي آمريڪا ۾ رهندي قانون تي عمل نه ڪري رهيا آهن. دوکو ڏئي آمريڪي قومي سلامتي کي نقصان پهچائي رهيا آهن. واضع رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اميگريشن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ ملڪ بدري جي مهم جو مقصد آمريڪي گهرو سلامتي کي بهتر بڻائڻ آهي.











