آمريڪا عالمي مارڪيٽ ۾ منصفاڻي چٽاڀيٽي لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪري: چين

بيجنگ - 21 آڪٽوبر (اي پي پي) چين آمريڪا تي زور ڀريو آهي، ته هو پنهنجي گمراهه ڪن مهم ۽ دٻاءَ کي ختم ڪري، مارڪيٽ ۾ منصفاڻي چٽاڀيٽي لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪري ۽ پنهجي غلط قدمن کي جلد درست ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن آمريڪا پاران واپاري راز چوري ڪرڻ جي الزام ۾ چين جي 5 ڪمپنين تي پابنديون …

بيجنگ – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) چين آمريڪا تي زور ڀريو آهي، ته هو پنهنجي گمراهه ڪن مهم ۽ دٻاءَ کي ختم ڪري، مارڪيٽ ۾ منصفاڻي چٽاڀيٽي لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪري ۽ پنهجي غلط قدمن کي جلد درست ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن آمريڪا پاران واپاري راز چوري ڪرڻ جي الزام ۾ چين جي 5 ڪمپنين تي پابنديون لڳائڻ جي قدمن تي تبصرو ڪندي چئي. هن چيو ته آمريڪا نام نهاد واپاري رازن جي چوري جي بيانئي کي وڌائي پيش ڪندي چين جي ڪمپنين کي بدنام ڪيو ۽ انهن تي پابنديون لڳايون جنهن جي چين شديد مخالفت ڪري ٿو. هن چيو ته چيني مصنوعي ذهانت جي ڪمپنين جي تيز رفتار ترقي بنيادي تحقيق تي ان جي ڊگهي مدي جي ڪوششن ۽ جدت طرازي ۾ مسلسل سيڙپڪاري جو نتيجو آهن ۽ انهن جو نام نهاد واپاري راز چوري ڪرڻ سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته چين آمريڪا تي زور ڀري ٿو ته هو پنهنجي گمراهه ڪن مهم ۽ دٻاءَ کي ختم ڪري، مارڪيٽ ۾ منصفاڻي چٽاڀيٽي لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪري ۽ پنهنجي غلط قدمن کي جلد درست ڪري. ٻي صورت ۾ چين، چيني ڪاروباري ادارن جي جائز حقن ۽ مفادن جي مضبوط تحفظ لاءِ ضروري جوابي قدم کڻندو.

مزید خبریں