انتظامي ۽ معاشي چئلينجز جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور -20 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي بابت گورننس پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته انتظامي ۽ معاشي چئلينجز جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته عوام جي حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن  پنهنجي هڪ ويڊيو بيان ۾ چيو. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته …

پشاور -20 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي بابت گورننس پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي، ته انتظامي ۽ معاشي چئلينجز جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته عوام جي حقن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن  پنهنجي هڪ ويڊيو بيان ۾ چيو. فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته اسان خيبر پختونخوا کي حد دخلين کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ گورننس جي اصلاح لاءِ ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن. گورنر چيو ته پشاور  مان حد دخلين جي خاتمي لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، معاملي تي ڪنهن جي به سفارش قبول نه ڪئي ويندي،سڄي صوبي ۾ صفائي سٿرائي مهم به شروع ڪئي آهي، حددخلين جي خاتمي سان پشاور جي روڊن تي ٽريفڪ جي رواني بحال ڪئي ويندي. هن چيو ته 13 سال جو ملبو ڪجهه ئي ڏينهن ختم ڪرڻ ممڪن ناهي، واضح رهي ته خيبر پختونخوا ۾ حددخلين جي خالف گرينڊ آپريشن جاري آهي.

مزید خبریں