اسلام آباد -20 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم بغداد ۾ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 52هين اجلاس ۾ ڄمون ڪشمير بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪشمير مسئلي بابت ٺهراءُ مسلم دنيا کي درپيش سياسي معاملن تي 17 کان 18 آڪٽوبر تي ٿيل اجلاس ۾ مشاورت جو حصو هو. اجلاس ۾ فلسطين، مسلم اقيلتن ۽ اسلامو فوبيا سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. …
بغداد ۾ او آءِ سي اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي بابت ٺهراءُ منظور

مزید خبریں
اسلام آباد -20 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم بغداد ۾ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 52هين اجلاس ۾ ڄمون ڪشمير بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪشمير مسئلي بابت ٺهراءُ مسلم دنيا کي درپيش سياسي معاملن تي 17 کان 18 آڪٽوبر تي ٿيل اجلاس ۾ مشاورت جو حصو هو. اجلاس ۾ فلسطين، مسلم اقيلتن ۽ اسلامو فوبيا سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. ٻن ڏينهن واري اجلاس جو موضوع ”ڳالهيون ۽ يڪجهتي: امن ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ جا ٻه بنيادي ٿنڀ“. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اجلاس جي ميزباني تي عراق جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. اجلاس ۾ بغداد پڌرائي ۾ ڪيترائي ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. ان ۾ فلسطيني عوام جي حقن ۽ القدس الشريف کي گادي هنڌ بڻائڻ، آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ميمبر ملڪن جي سياسي صورتحال ۽ مسلم برادرين جي حقن تي به ڳالهيون ڪيون. اجلاس ۾ اقتصادي، سماجي، انساني، ثقافتي ۽ سائنسي معاملن جو به جائزو ورتو ويو. او آءِ سي سيڪريٽري جنرل ٺهراءَ منظور ڪرڻ بدران انهن تي عمل درآمد جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ان مقصد لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي اهميت اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ڊگهي عرصي کان عالمي ڌيان جو مرڪز هئڻ باوجود حل طلب آهي. گڏيل قومون ان تڪرار جي حل لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري رکيو آهي.











