حيدرآباد ۾ کير جي دڪانن تي سرڪار جي مقرر اگهن جي ڀڃڪڙي، چئن دڪاندارن تي ڏنڊ، هڪ دڪان سيل

حيدرآباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي صائمه نور شهر جي کير جي مختلف دڪانن جو معائنو ڪيو ۽ سرڪار جي مقرر ڪيل اگهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي چئن دڪاندارن تي 30، 30 هزار رپيا ڏنڊ مڙهيا ، جڏهن ته  هڪ دڪان کي سيل ڪيو ويو، انتظاميا واضح ڪيو آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۽ کير جي مقرر اگهن تي عملدرآمد يقيني …

حيدرآباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي صائمه نور شهر جي کير جي مختلف دڪانن جو معائنو ڪيو ۽ سرڪار جي مقرر ڪيل اگهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي چئن دڪاندارن تي 30، 30 هزار رپيا ڏنڊ مڙهيا ، جڏهن ته  هڪ دڪان کي سيل ڪيو ويو، انتظاميا واضح ڪيو آهي ته کاڌي پيتي جي شين ۽ کير جي مقرر اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪارروايون جاري رهنديون.

مزید خبریں