لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران مبينه مقابلي ۾ هڪ ڪار لفٽر زخمي حالت ۾ گرفتار، قبضي مان چوري جي هڪ ڪار ۽ پستول هٿ

حيدرآباد - 20 آڪٽوبر(اي پي پي)لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس بچاءَ بند وٽان مبينه مقابلي کان پوءِ هڪ ڪار لفٽر زين نقوي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري جي هڪ ڪار ۽ پستول هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب هٿ آيل ڪار 7 آڪٽوبر تي مهراڻ واڪ آٽو ڀان تان چوري ٿي هئي جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي پوليس جي …

حيدرآباد – 20 آڪٽوبر(اي پي پي)لطيف آباد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس بچاءَ بند وٽان مبينه مقابلي کان پوءِ هڪ ڪار لفٽر زين نقوي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري جي هڪ ڪار ۽ پستول هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب هٿ آيل ڪار 7 آڪٽوبر تي مهراڻ واڪ آٽو ڀان تان چوري ٿي هئي جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي پوليس جي ترجمان موجب جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں