لاڙڪاڻو - 20 آڪٽوبر(اي پي پي)قمبر شهدادڪوٽ جي حد امام بخش روڊ ويجهو دانگي شاخ وٽ رات دير سان اي سيڪشن شهدادڪوٽ ٿاڻي جي پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿي پيو جنهن دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي 2 بدنام ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيلن جي قبضي مان ٻه عدد پسٽل، ميگزين ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ سجاد پٽ نياز حسين سومرو طور ٿي آهي جيڪو الله آباد محلا شهدادڪوٽ جو …
قمبر شهدادڪوٽ جي حد امام بخش روڊ ويجهو پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو، 2 بدنام ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 20 آڪٽوبر(اي پي پي)قمبر شهدادڪوٽ جي حد امام بخش روڊ ويجهو دانگي شاخ وٽ رات دير سان اي سيڪشن شهدادڪوٽ ٿاڻي جي پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿي پيو جنهن دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي 2 بدنام ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيلن جي قبضي مان ٻه عدد پسٽل، ميگزين ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ سجاد پٽ نياز حسين سومرو طور ٿي آهي جيڪو الله آباد محلا شهدادڪوٽ جو رهواسي آهي ۽ حبدار علي ولد الهرکيو خاصخيلي به شاڳئي پاڙي جو رهواسي آهي. پوليس ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾، ڦرن، ڌاڙن، پوليس مقابلن ۽ ٻين ڏوهن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث سرگرم ڏوهاري آهن. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيلن خلاف سنگين نوعيت جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن، جن ۾ هو پوليس کي گهربل هئا. وڌيڪ جاچ سان گڏ جوابدارن جو مڪمل ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪيو پيو وڃي. ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي ايس ايڇ او اي سيڪشن شهدادڪوٽ انسپيڪٽر علي حسن مغيري سميت پوليس ٽيم لاءِ روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.










