گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تي زور

جڪارته -20 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن لاءِ زور ڀريندي چيو آهي، ته ڪائونسل جي موجوده بناوٽ اڄ جي جاگرافيائي ۽ سياسي حقيقتن جي درست عڪاسي نه ٿي ڪري، جڏهن ته ڪجهه مستقل ميمبر جنگيون مڙهي ۽ عالمي قانونن کي نظر انداز ڪري عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انتونيو گوتريش اها ڳالهه انڊونيشيا جي …

جڪارته -20 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن لاءِ زور ڀريندي چيو آهي، ته ڪائونسل جي موجوده بناوٽ اڄ جي جاگرافيائي ۽ سياسي حقيقتن جي درست عڪاسي نه ٿي ڪري، جڏهن ته ڪجهه مستقل ميمبر جنگيون مڙهي ۽ عالمي قانونن کي نظر انداز ڪري عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انتونيو گوتريش اها ڳالهه انڊونيشيا جي گادي واري هنڌ جڪارته ۾ پرڏيهي وزير جي انتظام هيٺ فارن پاليسي سرڪل ٽاڪس کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي موجوده  بناوٽ  گڏيل قومن جي عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري رهي آهي. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير ارمانا ٿاناصر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته گهڻ رخي تعاون ڪو اختياري رستو ناهي پر هڪ ضرورت آهي. ان جي مطابق ڪو به ملڪ توڙي هو ڪيترائي طاقتور ڇو نه هجي، اڄ عالمي چئلنيجز کي اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهي. سيڪريٽري جنرنل 17 آڪٽوبر کان انڊونيشيا جي 3 ڏينهن جي سرڪاري طور تي پهتل آهي، جتي هن صدر پرابو وسوبيانتو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون.  دوري دوران عالمي ادارن کي وڌيڪ نمائنده ۽ موجوده حالتن جي گهرجن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ سڌارن ۽ گهڻ رخي تعاون کي هٿي وٺائڻ تي به زور ڀريو.

مزید خبریں