او آءِ سي جي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جو اجلاس، ميمبر ملڪن لاءِ سائبر سيڪيورٽي وزيرن واري ڪائونسل جي قيام جي منطوري

رياض -20 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف فارن منسٽرز پنهنجي 52 هين اجلاس دوران سعودي عرب پاران پيش ڪيل تجويز جي بنياد تي تنظيم جي ملڪن لاءِ سائبر سيڪيورٽي وزيرن واري ڪائونسل جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان جي جنرل سيڪريٽريٽ ۽ ايگزيڪيوٽو آفيس رياض ۾ قائم ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪائونسل جو مقصد ميمبر ملڪن ۾ …

رياض -20 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف فارن منسٽرز پنهنجي 52 هين اجلاس دوران سعودي عرب پاران پيش ڪيل تجويز جي بنياد تي تنظيم جي ملڪن لاءِ سائبر سيڪيورٽي وزيرن واري ڪائونسل جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان جي جنرل سيڪريٽريٽ ۽ ايگزيڪيوٽو آفيس رياض ۾ قائم ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪائونسل جو مقصد ميمبر ملڪن ۾ سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ، انهن جي حياتياتي مفادن ۽ قومي سلامتي جي حفاظت ڪرڻ، گڏيل تعاون کي هٿي وٺائڻ ۽ سائبر سيڪيورٽي بابت عالمي تنظيمن ۾ ميمبر ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي ڪوششن کي مربوط بڻائڻ آهي. ان فيصلي تحت اها ڪائونسل اسلامي تعاون تنظيم تحت هڪ ذيلي اداره ۽ تنظيم جي ڇٽي هيٺ سائبر سيڪيورٽي بابت موضوعن جو احاطو ڪندي. ان ۾ ميمبرن جي سائبر سيڪيورٽي بابت باڊي شامل هوندي ۽ ان جي جنرل سيڪريٽريٽ ۽ ايگزيڪيوٽو آفيس جي صدارت ميزبان ملڪ سعودي عرب جا نمائندا ڪندا. نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي جي گورنر انجنيئر ماجد بن محمد المزيد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چئلينجز ته تظيم جي ملڪن ۾ سائبر سيڪيورٽي کي هٿي وٺائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا، سائبر سيڪيورٽي معيشتن جي اوسر ۽ معاشرن جي خوشحالي لاءِ هڪ بنيادي عنصر ۽ عالمي امن امان جي تحفظ جي نظام جو هڪ ٿنڀ آهي.

مزید خبریں