گڏيل قومون-20 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش روس جي سرزمين تي يوڪرين جي هٿياربند فوج جي وڌندڙ حملن جي نتيجي ۾ روس جي شهرين جي فوتگين ۾ واڌ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جن ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ سينٽ پيٽرز برگ جي علائقي ۾ ڪيل حملا به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ جاري …
يوڪرين جي حملن سان روس جي شهرين جي فوتگين ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-20 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش روس جي سرزمين تي يوڪرين جي هٿياربند فوج جي وڌندڙ حملن جي نتيجي ۾ روس جي شهرين جي فوتگين ۾ واڌ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جن ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ سينٽ پيٽرز برگ جي علائقي ۾ ڪيل حملا به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته انوتونيو گوتريش روس ۾ يوڪرين جي هٿياربند فوج جي وڌندڙ حملن سبب شهري فوتگين ۾ واڌ تي فڪرمند آهي. هن چيو ته شهرين ۽ شهري ٺڪاڻڻ کي نشانو بڻائيندڙ سمورا حملا پوءِ اهي ڪهڙا به هجن، فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن . ترجمان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ شهري آبادي ۽ بنيادي ٺڪاڻن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.











