برطانيا پاران اسرائيلي آبادڪاري منصوبي ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن ۽ ڪمپنين تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان

لنڊن-20 آڪٽوبر(اي پي پي)برطانوي حڪومت والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي تڪراري اي ون آبادڪاري منصوبي تحت تعميراتي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن ۽ ڪمپنين تي پابندين سميت قانوني ۽ ساک کي نقصان پهچائڻ جي نتيجن کان خبر دار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت پاران اي ون آبادڪاري منصوبي لاءِ ٽينڊرز جاري ڪرڻ جو …

لنڊن-20 آڪٽوبر(اي پي پي)برطانوي حڪومت والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي تڪراري اي ون آبادڪاري منصوبي تحت تعميراتي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن ۽ ڪمپنين تي پابندين سميت قانوني ۽ ساک کي نقصان پهچائڻ جي نتيجن کان خبر دار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت پاران اي ون آبادڪاري منصوبي لاءِ ٽينڊرز جاري ڪرڻ جو فيصلو ٻه رياستي حل جي امڪانن لاءِ سڌيءَ ريت خطرو آهي جنهن جي عالمي برادري پاران وڏي پيماني تي مذمت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته منصوبي لاءِ واڪ ڏيڻ جي آخري تاريخ سومر رکي وئي آهي. هن چيو  ته برطانيا غير قانوني آبادڪارين جي تعمير ۾ ملوث ماڻهن ۽ ڪمپنينن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ نوان اختيار متعارف ڪرايا آهن ۽  ڪاروباري ادارن ۽ ماڻهن کي اي ون منصوبي جي تعميراتي ٽينڊرز ۾ حصو وٺڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان سان قانوني ڪاروائي ۽ ساک کي نقصان پهچڻ کانسواءِ عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث هجڻ جي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت، فلسطينين جي لڳاتار بي دخلي ۽ انهن تي غير قانوني قبضي کي قبول نه ڪيو ويندو.

مزید خبریں