سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان فرانس جي هم منصب جي ملاقات

رياض-20 آڪٽوبر (اي پي پي )سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان فرانس جي پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي آبي لنگهه جي سلامتي ۽ آزاد جهاز راني کي يقيني بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده علائقائي بحرانن جي گڏيل ۽ پائيدار حل تائين پهچڻ لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن خطي …

رياض-20 آڪٽوبر (اي پي پي )سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان فرانس جي پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي آبي لنگهه جي سلامتي ۽ آزاد جهاز راني کي يقيني بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده علائقائي بحرانن جي گڏيل ۽ پائيدار حل تائين پهچڻ لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي . ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جي اثرن کي محدود ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جو جائزو ورتو. فرانس جي پرڏيهي وزير حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪندي سعودي عرب سان فرانس جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفه لاڳاپن مختلف شعبن ۾ موجود شراڪتداري ۽ گڏيل مفاد حاصل ۽ ٻنهي ملڪن جي امنگن جي تڪميل لاءِ ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ويو .

مزید خبریں