رياض- 20 آڪٽوبر (اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد آل نهيان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران پرڏيهي وزير خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . مملڪت جي شهري علائقن تي ڪيل حوثي مليشيا جي لڳاتار حملن جي مذمت ڪئي. ان کانسواءِ شهزاده فيصل …
سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن پاران خطي جي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض- 20 آڪٽوبر (اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد آل نهيان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران پرڏيهي وزير خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . مملڪت جي شهري علائقن تي ڪيل حوثي مليشيا جي لڳاتار حملن جي مذمت ڪئي. ان کانسواءِ شهزاده فيصل بن فرحان سان به ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فدان ٽيليفون تي رابطو ڪيو۽ تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مملڪت خلاف حوثي مليشيا جي لڳاتار ڪيل حملن مذمت ڪئي. موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششن، علائقائي سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيل گڏيل ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي.











