جاپان پاران مريخ جي چنڊ تان مٽيءَ جا نمونا ڌرتي آڻڻ لاءِ خلائي مشن روانو

ٽوڪيو -20 آڪٽوبر (اي پي پي ) جاپان خلائي تحقيق ۾ اهم  خلائي مشن روانو ڪيو آهي. ( ايم ايم ايڪس ) جو مقصد مريخ جي چنڊ فوبوس تي لهي اتي موجود مٽي جا نمونا گڏڪرڻ ۽ انهن کي زمين تي آڻڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪاميابي جي صورت ۾ اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون مشن هوندو . جاپان جي خلائي تحقيقي ايجنسي ( جاڪسا ) جو اهو خلائي جهاز …

ٽوڪيو -20 آڪٽوبر (اي پي پي ) جاپان خلائي تحقيق ۾ اهم  خلائي مشن روانو ڪيو آهي. ( ايم ايم ايڪس ) جو مقصد مريخ جي چنڊ فوبوس تي لهي اتي موجود مٽي جا نمونا گڏڪرڻ ۽ انهن کي زمين تي آڻڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪاميابي جي صورت ۾ اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون مشن هوندو . جاپان جي خلائي تحقيقي ايجنسي ( جاڪسا ) جو اهو خلائي جهاز تانيگا شيما خلائي مرڪز تان ايڇ ٿري هيوي لفٽ راڪيٽ ذريعي روانو ڪيو ويو. مشن جو بنيادي مقصد فوبوس جي سطح تان مٽيءَ جا نموناگڏ ڪرڻ آهي. خلائي جهاز جو سال 2031 ع ۾ زمين تي واپسي جو امڪان آهي جتي اهو هڪ ڪيپسول ذريعي گڏ ڪيل نمونا زمين تي پهچائيندو. جاپاني ماهر انهن نمونن جو تجزيو ڪري اتي اهم ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي اميد رکن ٿا.

مزید خبریں