ماسڪو- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا ۽ چين جي هم منصبن ڊونلڊ ٽرمپ ۽ شي جن پنگ سان گڏجي ايندڙ مهيني ٽه ڌري سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پر ان ايجنڊا ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ بابت ڪو قطعي فيصلو ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته صدر پيوٽن اها …
روس جي صدر پاران يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا ۽ چين جي هم منصبن سان سربراهي اجلاس جي تجويز

مزید خبریں
ماسڪو- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا ۽ چين جي هم منصبن ڊونلڊ ٽرمپ ۽ شي جن پنگ سان گڏجي ايندڙ مهيني ٽه ڌري سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پر ان ايجنڊا ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ بابت ڪو قطعي فيصلو ناهي ٿيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته صدر پيوٽن اها تجويز 9 آڪٽوبر تي آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پيش ڪئي هئي، تجويز ڪيل اجلاس جو مقصد يوڪرين ۾ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنهن معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ آهي جنهن سان روس کي فائدو پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪريملن ايشيا پيسيفڪ اقتصادي تعاون (اي پي اي سي) جي ايندڙ سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٽه ڌري ڳالهيون منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، اي پي اي سي اجلاس 18 ۽ 19 نومبر تي چين جي شهر شين زين ۾ شيڊول آهي. ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته امڪاني ملاقات جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، پر اجلاس يا ان جي ايجنڊا بابت اڃان ڪا واضح صورتحال ناهي. هن مطابق ٽئي ڌريون اهڙي قسم جي ملاقات جي امڪان کي تسليم ڪن ٿيون. هڪ سينيئر آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته صدر ٽرمپ هن وقت تائين تجويز ڪيل سربراهي اجلاس تي اتفاق ناهي ڪيو، پر هو ان تجويز تي هاڪاري ردعمل ڏئي سگهي ٿو. رپورٽ مطابق ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ولاديمير پيوٽن وچ ۾ لاڳاپن ۾ تازي عرصي دوران بهتري آئي آهي.










