سعودي عرب جي دفاع واري وزير جو ابوظهبي جو دورو، امارات جي صدر سان علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

ابوظهبي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان ابوظهبي جي الشاطي پيلس ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ شهزاده خالد بن سلمان سعودي عرب جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. امارات جي حڪومت ۽ عوام جي وڌيڪ ترقي جي خواهش جو اظهار ڪيو. امارات جي صدر …

ابوظهبي- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان ابوظهبي جي الشاطي پيلس ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ شهزاده خالد بن سلمان سعودي عرب جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. امارات جي حڪومت ۽ عوام جي وڌيڪ ترقي جي خواهش جو اظهار ڪيو. امارات جي صدر به سعودي قيادت کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. شهزاده خالد بن سلمان ايڪس اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ لکيو ته اسان ٻنهي قومن وچ ۾ ڀائراڻن ۽ تاريخي لاڳاپن جي گهرائي کي اجاگر ڪيو ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں