ايران خلاف جنگ سان يورپي شهرين تي 100 ارب يورو کان وڌيڪ جو بار پيو: اسپين

ميڊرڊ- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اسپين چيو آهي ته ايران خلاف جنگ هاڻي تائين يورپي شهرين کي 100 ارب يورو کان وڌيڪ نقصان پهچائي چڪي آهي ۽ ان جا معاشي اثر عام ماڻهن تي به پئجي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ”ايڪس“ تي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته جنگ جي مخالفت ڪندڙ يورپي اڳواڻ درست هئا ۽ هنن جنگ کي نه چئي صحيح …

ميڊرڊ- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اسپين چيو آهي ته ايران خلاف جنگ هاڻي تائين يورپي شهرين کي 100 ارب يورو کان وڌيڪ نقصان پهچائي چڪي آهي ۽ ان جا معاشي اثر عام ماڻهن تي به پئجي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ”ايڪس“ تي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته جنگ جي مخالفت ڪندڙ يورپي اڳواڻ درست هئا ۽ هنن جنگ کي نه چئي صحيح فيصلو ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته هن کي معلوم هو ته آخرڪار ان جنگ جي قيمت عام ماڻهن کي ڀوڳڻي پوندي. هن برسلز ۾ يورپي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته جنگ جي مخالفت ڪندڙن جو موقف صحيح ثابت ٿيو آهي. ان مطابق ان جي تصديق نه صرف عالمي قانون ۽ انساني حقن جي احترام کي نظر ۾ رکندي ٿي آهي پر جنگ جي انهن معاشي ۽ سماجي اثرن سان به ٿي آهي، جن کي شهري هڪ ڀيرو ٻيهر منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسپين جي پارليامينٽ 12 ارب يورو کان وڌيڪ امدادي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي، جنهن جو مقصد متاثر شعبن ۽ پنهنجون ذاتي گاڏيون استعمال ڪندڙ شهرين جي مدد ڪرڻ آهي. هن زور ڀريو ته هاڻي سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ان تباهيءَ کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ آهي.

مزید خبریں