ڪولمبيا پاران والاريل بيت المقدس ۾ سفارتخانو کولڻ تي 17 ملڪن جي مذمت

رياض- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب سميت ٻين 17 عرب ۽ مسلمان ملڪن بيت المقدس ۾ ڪولمبيا جو سفارتخانو کولڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه کان خبردار ڪيو آهي ته اهو قدم گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن جي خلاف ورزي آهي ۽ ان سان ٻه رياستي حل جي بنياد تي پائيدار امن لاءِ ٿيندڙ عالمي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب جاري ڪيل …

رياض- 17 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب سميت ٻين 17 عرب ۽ مسلمان ملڪن بيت المقدس ۾ ڪولمبيا جو سفارتخانو کولڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه کان خبردار ڪيو آهي ته اهو قدم گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن جي خلاف ورزي آهي ۽ ان سان ٻه رياستي حل جي بنياد تي پائيدار امن لاءِ ٿيندڙ عالمي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ پرڏيهي وزيرن ڪولمبيا جي فيصلي کي مڪمل طور تي رد ڪندي زور ڀريو آهي ته ولاريل بيت المقدس جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش عالمي قانون تحت ڪالعدم ۽ غير قانوني آهي. اهو بيان سعودي عرب، فلسطين، اردن، انڊونيشيا، ترڪيه، الجزائر، جبوتي، سوڊان، شام، صوماليا، عمان، قطر، ڪويت، لبنان، ملائيشيا، مصر ۽ يمن جي پرڏيهي وزيرن جاري ڪيو آهي. وزيرن ان عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي ته ولاريل بين المقدس جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت کي تبديل ڪرڻ يا ان کي اسرائيل جو گادي وارو شهر تسليم ڪرڻ جي ڪا به ڪارروائي يا فيصلو ڪالعدم آهي ۽ ان جي ڪا به حيثيت نه آهي.

مزید خبریں