گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو اسرائيلي قبضو ختم ڪرڻ ۽ آزاد فسلطيني رياست جي قيام لاءِ پڪو مدو مقرر ڪرڻ جو مطالبو

گڏيل قومون-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي قبضي جي مستقل خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ زور ڀريو آهي ته عالمي ڪوششن کي هڪ اهڙو حتمي ۽ اٽل مدو مقرر ڪيو وڃي جنهن تحت 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختار فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، جنهن جو گادي وارو هنڌ اوڀر بيت المقدس هجي. …

گڏيل قومون-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي قبضي جي مستقل خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ زور ڀريو آهي ته عالمي ڪوششن کي هڪ اهڙو حتمي ۽ اٽل مدو مقرر ڪيو وڃي جنهن تحت 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختار فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، جنهن جو گادي وارو هنڌ اوڀر بيت المقدس هجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون وچ اوڀر جي صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ منعقد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين قبضو جاري رهندو ۽ فلسطيني عوام کي حق خوداراديت حاصل نه ٿيندي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ آهي. پاڪستاني نمائيندي چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي هفتي دوران فلسطين مسئلي تي خاص ڌيان ڏنو ويو. مختلف اجلاسن ۽ بيانن ۾ ان ڳالهه تي واضح اتفاق سامهون آيو ته ٻه رياستي حل عالمي سطح تي متقفه لائحه عمل ۽ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جو ضروري بنياد آهي. هن زور ڀريو ته ٻه رياستي حل بابت عالمي عزم سان فلسطيني رياست جي علائقائي سالميت ۽ قابل عمل حيثيت برقرار رکڻ لاءِ ٺوس قدم به ضروري آهن، عثمان جدون چيو ته قرارداد 2803، غزه تڪرار جي خاتمي لاءِ جامع منصوبو ۽ نيويارڪ پڌرنامو ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي سگهه ڏيڻ وارو لائحه عمل فراهم ڪن ٿا، پر ان جي بقول اسرائيل طرفان زميني حقيقتن کي ناقابل واپسي بڻائڻ جون ڪوششون ان اتفاق راءِ کي نقصان پهچائي رهيون آهن، والاريل اولهندي ڪناري، سميت اوڀر بيت المقدس ۾ يهودي وستين جي توسيع، خاص ڪري اي ون منصوبو، فلسطيني علائقن جي گڏيل زميني رابطن کي ختم ڪرڻ جو خطرو پيدا ڪري رهي آهي. پاڪستاني نمائندي مطالبو ڪيو ته قرارداد 2334 موجب يهودي وسندين جون سموريون سرگرميون بند ڪيون وڃن، آبادڪارن جي تشدد جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ذميوارن جو احتساب يقيني بڻايو وڃي. هن گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ڪم ڪندڙ اداري يو اين آر ڊبليو اي جي ضروري ڪردار جي حمايت تي زور ڀريو. والاريل فلسطيني علائقن مان غيرقانوني قبضن جو خاتمو ضروري آهي ته جيئن ٻن رياستن جي قيام جي راهه هموار ٿي سگهي، جيڪا بيت المقدس کي پنهنجو گادي وارو هنڌ بڻائيندي هڪٻئي سان امن سان رهي سگهن.

مزید خبریں